جنرل ضياء جو جهاز تباهه ٿيڻ واري واقعي ۾ جنرل اسلم بيگ جو ڪردار مشڪوڪ قرار
هندستاني اخبار دي هندو جي رپورٽر مهمل سرفراز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اعجاز الحق چيو آهي ته 1988 ۾ سندس والد جنرل ضياء جي جهاز واري ڪاڪ پٽ ۾ زهريلي گئس جي ڦوهاري سبب پائلٽ بيهوش ٿي ويا هئا.هن چيو ته جهاز ۾ رکيل انبن جي پيٽين ۾ پڻ بارود ڀريل هو ۽ جهاز کي پروجيڪٽائيل ذريعي پڻ نشانو بڻايو ويو هو.
جنرل ضياء جي پٽ اعجاز الحق پهريون ڀيرو اڳوڻي فوجي سربراهه جنرل اسلم بيگ جو نالو کڻندي چيو آهي ته اهو ۽ نيشن سيڪيورٽي ايڊوائيزر جنرل محمود دراني جا ڪردار پڻ مشڪوڪ آهن.اعجازالحق چيو آهي ته ملتان جي فوجي اسپتال سي ايم ايڇ جي انهن ڊاڪٽرن کي ڏورانهن علائقن ڏانهن بدلي ڪيو ويو جن کي مٿان کان حڪم مليا هئا ته جنرل ضياء جي جسم جي ٽڪڙن جي پوسٽ مارٽم نه ڪئي وڃي.هن چيو ته ملتان اسپتال جي انهن ڊاڪٽرن جنرل ضياء جي خاندان کي اهي حقيقتون واقعي جي مهيني ٻن بعد ٻڌايون هيون
تفصيل