ڪهاڻي منهنجو حق
مٿان شاهدا جي پرڻيل ڀيڻ اچي وئي جنهن جي شادي پاڙي ۾ ئي ٿيل هئي چاچي جي ننهن هئي
شاهدا, ادي امان کان موڪل وٺي ڏي نه, بابا کي تون راضي ڪري وٺجاء ,مونکي پڙھڻ جو ڏاڍو شوق آهي ست درجا ڪهڙي ڪم جا مونکي وڌيڪ پڙھڻو آهي ,ڀيڻ ناهي ,هر ڀيري تون منهنجو ساٿ ڏنوآهي ,هن ڀيري بابا کي چئي ڏس نه
زاهدا,منهنجي ننڍڙي ڀيڻ مان ته چوندم ته تون پڙھ ,لک ۽ ڳوٺ ۾ماسترياڻي ٿي ,سمجه واري ٿي,پڙھيل لکيل ٿي,مان ته نه پڙھي سگهيم تڏھن ته ڀاڳ ۾ اهيو شرابي مليو جيڪو سڄو ڏينهن گار گند ۾ پورو ۽ رات جو شراب جي حوالي نه اولاد جي ڳڻتي نه منهنجو خيال ,الله نه ڪري جو مون جهڙو ڪنهن جو ڀاڳ ٿئي
تفصيل