سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

جنرل سليماني کي شامي ۽ عراقي جاسوسن جي مدد سان نشانو بڻايو ويو ؟

جنهن رات سندس قافلي نشانو بڻايو ويو ان رات هو دمشق ائرپورت تان پنهنجي گاڏين جي قافلي ۾ سڌو اچي شام ونگز واري مسافر جهاز  اي 320 ۾ ۾ سوار ٿيو.شام ونگز ائرلائين سان رائٽر پاران رابطو ڪرڻ تي هنن ٻڌايو ته جنرل سليماني ۽ سندس ساٿين جو دستاويزي ثبوت يا نالو مليل نه هيو.اهو جهاز 3 جنوري تي  جيئن ئي رات جو 12.30 منٽن تي بغداد ائرپورت پهتو ته عراقي مليشيا پاپولر موبلائيزيشن فرنٽ پي ايم ايف جي نائب سربراهه ابو مهدي مهندس سندس آجيان ڪئي.بغڊاد ائرپورٽ جي ذريعن رائٽر کي ٻڌايو آهي ته جنرل سليماني کي وٺڻ لئه آيل ابو مهدي ٻن گاڏين جي قافلي ۾ سڌو اچي جهاز جي ويجهو پهتو ۽ هنن ڪسٽم وارو عاممسافرن جو روٽ وٺڻ بدران سڌو گاڏين جو رخ ڪيو

تفصيل


برطانيا ۾ 48 مردن سان ٻه سئو فعا ريپ ڪندڙ انڊونيشيائي شاگرد کي عمرقيد جي سزا.

مردن کي نشو ڏئي ساڻن ريپ ڪندڙ رينهارڊ سناگا 36 سالن جو اهڙو  انڊونيشيائي شاگرد آهي جيڪو ڏهه سال اڳ انڊونيشيا مان برطانيا پرهڻ آيو ته کيس مانچسٽر جي يونيورسٽي ۾ داخلا ملي ۽ هن اتي ئي رهڻ شروع ڪيو.سندس والد انڊونيشيا جو ڪامياب ڪاروباري ماڻهون آهي تنهن پنهنجي پٽ جي سک خاطر کيس يونيورسٽي ڀرسان ئي هل فليٽ پڻ مسواڙ تي وٺي ڏنو ته جيئن هو سک سان پڙهي سگهي پر سناگا ان فليٽ کي پنهنجي جنسي حوس پوري ڪرڻ جو اڏو بڻائي ڇڏيو.

تفصيل



© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter