سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ملال احوال دوستان..عبدالحق عالماڻي


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/26/2018


ملالِ احوالِ دوستان

عبدالحق عالماڻي
تحرير : شوڪت حسين شورو

مسلم هوٽل کان پوءِ اسان جو ٻيو ٺڪاڻو شهيد هوش محمد روڊ جي ڇيڙي تي ڪيفي جارج ٿيو. ان جا ڪڙڪ ۽ وٽيل کارا بسڪٽ مشهور هئا. ڪيفي جارج ۾ ويهڻ جو هڪ سبب اهو هو تہ مدد علي سنڌيءَ ” اڳتي قدم “ رسالو ڪڍڻ شروغ ڪيو هو جنهن ۾ ماڻڪ ۽ آئون بہ ساڻس گڏ هئاسين. اڳتي قدم سيد ظفر حسن جي پرفيڪٽ پريس مان ڇپجندو هو جيڪا ڪيفي جارج جي ويجھو ڪئنٽونمينٽ ٿاڻي جي سامهون هوندي هئي. شام جو اسين پريس ۾ پروف وغيره ڏسي ڪيفي جارج ۾ ايندا هئاسين، جتي ٻيا دوست بہ اچي گڏ ٿيندا هئا. عبدالحق عالماڻي ، مشتاق شورو روز اچڻ وارا هئا. مير ٿيٻو ، وليرام ولڀ ، ظفر حسن ، ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺان ايندڙ عبدالقادر جوڻيجو ، عزيز ناريجو، امان الله شيخ ۽ ٻيا دوست بہ ايندا رهندا هئا. مسلم هوٽل تي ايندڙ امداد حسيني جي رومانس جو ڪلائميڪمس شادي تي پهتو تہ هن پوءِ اچڻ ڇڏي ڏنو. پر ڪيفي جارج تي وري هڪ ٻيو رومانس ڪلائيميڪس تائين اچي رسيو جڏهن عبدالقادر جوڻيجي جي اتي فيصلہ ڪن ملاقات طئي ٿي ۽ لڪ ۾ شادي بہ ٿي وئي. پوءِ ٻئي منهنجي خير شاھ جي پڙ واري گھر ۾ انڊر گرائونڊ ٿي ويا جيستائين ڳالھ ٺري ۽ معاملو نبريو
. ڪيفي جارج جي سامهون مشهور فزيشن ڊاڪٽر ايم اي عالماڻي جي شام جي ڪلينڪ هئي. هو عبدالحق عالماڻي جو سئوٽ هئو. عبدالحق ڪڏهن ڪڏهن هوٽل مان اٿي سامهون ڊاڪٽر عالماڻي کي طبيعت ڏيکارڻ ويندو هو. کيس پيت ۾ ڪا تڪليف هئي. ڊاڪٽر کيس ڪلنڪ ۾ مليل سئمپل واريون دوائون ڏيندو هو.
.
عبدالحق عالماڻي پنهنجن ويڳي ڀائرن سان گاڏي کاتي واري جاءِ ۾ رهندو هو پر جڏحن اختلاف وڌي ويا تہ کيس اتان نڪرڻو پيو . هو گڊس ناڪي وٽ هڪ هاسٽل ۾ ڪمرو مسواڙ تي وٺي رهڻ لڳو. عبدالحئي پليجي جو بہ اتي ڪمرو ورتل هو جيڪو ڳوٺان اچي اتي رهندو هو. عبدالحق جي لاءِ اهو نهايت ڏکيو وقت هو. سندس روزگار جو ڪو وسيلو ڪونہ هو. زمين مان بہ حصو ڪونہ مليو هوس. الائي ڪيئن ڇڪي تاڻي گذران ڪندو هو. تڏهن سڃائي سبب ڪڏهن ڪڏهن مسلم هوٽل تي اچڻ کان بہ لهرائيندو هو. آئون شام جو وٽس وچي کيس زوريءِ وٺي ايندو هوس. پوءِ کيس مسلم سائنس ڪاليج ۾ ليڪچرر ڪري رکيو ويو تہ سک جو ساھ کنيائين. ٽنڊي ولي محمد ۾ خوجہ جماعت خاني جي پٺيان ٽماڙ روزي ڪارنر هو جنهن ۾ ننڍڙا ڪمرا هئا. عبدالحق اتي هڪ ڪمرو مسوار تي ورتو. روزي ڪارنر بہ هڪ عجيب جھان هو. ان ۾ رسول بخش پليجو، مير ٿيٻو پنهنجي ماءٌ بادام ناتوان ۽ ڀيڻ نسيم ٿيٻو سان گڏ، ظفر اڄڻ سميت ڪيترائي ماڻھو رهندا هئا. رسول بخش پليجي بہ اتي نسيم ٿيٻو سان نڪاح ڪيو هو.
.
روزي ڪارنر کان ٿورو پرتي خيرالنسا جعفري جو گھر هو. هوءَ ڳالهائڻ جي ڇوٽ پر دل جي نرم ۽ همدرد انسان هئي. عبدالحق عالماڻي کي ڀانئيدي هئي. شايد هن ئي عبدالحق لاءِ رشتو ڳولي ڪڍيو ۽ کيس پنهنجي ويجھو هڪ سٺو گھر مسواڙ تي وٺي ڏنو. عبدالهَ جي شادي ۾ سندس ڀائرن مان ڪو بہ شريڪ نہ ٿيو هو. آئون، ماڻڪ ۽ ٻہ ٽي ٻيا دوست هئاسين. ڪجھ ماڻھو ڪنواريتن جا هئا. سادي نموني سان شادي ٿي. پر عبدالحق جي زندگي خوشگوار گذرڻ لڳي. ان وچ ۾ هن جي ڪهاڻين ۾ بہ پختگي اچي وئي هئي. هن هڪ ناول لکڻ شروع ڪيو هو . ” هي جيون سپنا سپنا“ . ماهوار روح رهاڻ ۾ ان جون ٽي چار قسطون ڇپيون.
.
1974  مون کي پي ٽي وي ڪراچي سينٽر ۾ اسٽنٽ پروڊيوسر اسڪرپٽ جي نوڪري ملي وئي. هر هفتي حيدرآبد گھر ايندو هوس تہ عبدالحق ۽ ٻين دوستن سان گڏجاڻي ٿيندي هئي. ان کان اڳ 1963 ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ عبدالحفيظ پيرزادي کي چماٽ لڳي هئي ، مدد علي سنڏي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس جو جنرل سيڪريٽري هو سو هن تي گرفتاري جا وارنٽ نڪتا هئا. کيس يونيورسٽي مان رسٽيڪيٽ بہ ڪيو ويو هو. اڳتي قدم رسالي کي مون ۽ ماڻڪ سنڀاليو هو پر گھڻو وقت نہ هلي سگھيو. مدد علي سنڌي پنهنجي مامي جي گھر 1977 تائين انڊرگرائونڊ رهيو. آئون جڏهن ڪراچي مان ايندو هوس تہ ساڻس اتي وڃي ملندو هوس. 1975 جي ڳالھ آهي. آئون ڪراچي مان حيدرآباد آيس تہ خبر پئي عبدالحق عالماڻي سخت بيمار آهي سول اسپتال ۾ داخل آهي. آنڊي جي ڪئنسر سبب بہ ٽي ڏينهن اڳ سندس آپريشن ٿيو هو. مون کي ڀنواٽيون اچي ويون. ڏک ۽ ڊپ جي هڪ عجيب ڪيفيت من کي وڪوڙي وئي. چئن سالن جي عمر ۾ جيڪو ماڻھو يتيم ٿي ويو ۽ سندس زندگي جو وڏو عرضو ڏکن سورن ۾ گذريو ، ان ڪجھ ئي سال ٿيا تہ سک جو ساھ کنيو هو ۽ کيس پٽڙو بہ ڄايو هو، سو 34 سالن جي ڀرپور جواني ۾ آخري پساھ کڻي رهيو هو ! تڏهن سول اسپتال ۾ پرائيوٽ وارڊ هوندو هو . آئون ڊڄندو ڊڄندو سندس ڪمري ۾ ويس. بستري تي هڪ هڏائون پڃرو جنهن تي رڳو کل چڙهيل هئي ليٽيل هو . مون کي اعتبار ڪونہ آيو تہ اهو عبدالحق عالماڻي هو. هن جون اکيون جيتوڻيڪ ڏرا ڏيئي ويون هيون، پر پوءِ بہ انهن ۾ ڪجھ خوبصورتي اڄا باقي هئي. هن مون ڏانهن بيوسي وچان ڏٺو. مهنجي نڙيءَ مان گھُٽيل دانهن نڪتي، ” عالماڻي يار، هي ڇا ٿي ويو ؟ “ هن جھيڻي آواز ۾ چيو هو ، ” بس يار....“ سندس انهن لفظن ۾ الائي ڪيتريون حسرتون ۽ درد سمايل هئا. وڌيڪ ڳلهائڻ جي لاءِ نہ هن وٽ ڪجھ هو ، نہ مون وٽ هو. منهنجي نڙيءَ ۾ ڪو ڳوڙهو اٽڪي پيو هو. اسپتال کان گھر ايندي اکين مان لڙڪ لارون ڪندي وهندا رهيا گھر پهتس تہ نڙيءَ ۾ ڦاٿل اوڇنگار ٻاهر نڪري آئي.
چئن پنجن ڏينهن کان پوءِ آفيس ۾ فون آئي تہ عالماڻي گذاري ويو ! اها 21 اپريل 1975 جي بد نصيب تاريخ هئي. آئون موڪل وٺي روئندڙ من سان بس ۾ چڙهي حيدرآباد آيس. بس مان لهي عالماڻي جي گھر ويس. گھر کي تالو لڳل هو. ڪنهن ٻڌايو تہ عبدالحق کي ڳوٺ کڻائي ويا آهن. آئون پوءِ بہ ڪيتري دير تائين بند ٿيل دروازي جي اڳيان بيٺو هوس ، تہ من دروازو کلي پئي ۽ عبدالحق عالماڻي پنهنجي ملوڪ موهيندڙ مرڪ سان اچي مون سان ملي....

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter