سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

نيب لاهور جي حراست ۾ هڪ ٻيو ملزم سروسز اسپتال ۾ فوت


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/24/2018

ويب ڊيسڪ
لاهور ڊولپمينٽ اٿارٽي جو اڳوڻو ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد سليم علاج دوران سروسز اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي.ذريعن موجب محمد سليم کي ايل ڊي اي ڪمرشلائيزيشن فيس ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.
ايل ڊي اي جي سابق ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد سليم کي سيپٽمبر 2017 کان ڪيمپ جيل ۾ رکيو ويو هو.جتي سندس  جگر جي بيماري جو علاج هلندڙ هو.سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ تي 8 ڊسمبر تي کيس سروسز اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.
ذريعن موجب محمد سليم پونيئرن ۾ هڪ بيواه ۽ چار نياڻيون سوڳوار ڇڏيون آهن.هو لاهور جي جوهر ٽائون جو رهائشي هو.
ان کان اڳ ڪيمپ جيل لاهور ۾ سرگوڌا يونيورسٽي جو اڳواڻو چيف ايگزيڪيٽو ميان جاويد وفات ڪري ويو هو.جنهن جي هٿڪڙيون لڳل لاش واري تصوير وائرل ٿي هئي ۽ سوشل ميڊيا تي ماڻهن پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو.
سرگوڌا يونيورسٽي جي آفيسر جي لاش کي هٿڪڙيون هڻڻ واري ذميداري نيب،جيل انتظاميا ۽ اسپتال عملدارن هڪٻئي مٿان اڇلي هئي پر پنجاب جي گهرو کاتي ڪيمپ جيل جي سينئير ڊاڪٽر ۽ ٽن پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter