سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

بلوچ ويڙهاڪن جي خودڪش ٽولي جو سربراهه خودڪش حملي ۾ قتل


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/25/2018


ويب ڊيسڪ
افغانستان جي شهر قنڌار ۾ ٿيل هڪ خودڪش حملي ۾ بلوچ ويڙهاڪن جي خودڪش برگيڊ جو سربراهه اسلم بلوچ استاد اڇو پنهنجي ڇهن ساٿين سميت مارجي ويو آهي.
افغانستان مان صداء روس، بي بي سي پشتو ۽ ٻين عالمي نشرياتي ادارن پنهنجي ذريعن موجب اهاري خبر ڏني آهي جڏهن ته پابندي پيل تنظيم بلوچ لبريشن آرمي پڻ اهڙي ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي.
اسلم بلوچ ڪراچي ۾ تازو چيني قونصل خاني تي ٿيل خودڪش حملي جي ذميواري قبول ڪئي هئي.ان کان اڳ زيارت ۾ قائداعظم ريزيڊنسي تي ٿيل حملي جي ذميواري پڻ سندس گروپ قبول ڪئي هئي.
پاڪستان ۾ مٿس خودڪش حملن ، ٽارگيٽ ڪلنگ، بم ڌماڪن ۽ تخريبڪاري جا ڪيئي ڪيس درج هئا.جڏهن ته سندس سر جي قيمت 50 لک رويپا مقرر ڪئي وئي هئي..
ذريعن موجب اسلم بلوچ کي 2016 ۾ سبي ۾ ٿيل هڪ آپريشن ۾ پڻ پاڪستاني فورسز مارڻ جي دعوي ڪئي هئي پر هو ان ۾ صرف زخمي ٿيو هو.اسلم پنهنجي علاج لئه ڪافي عرصو انڊيا جي اسپتال ۾ داخل هو پر تازوئي چيني قونصيل خاني تي ٿيل خودڪش حملي بعد کيس واپس افغانستان روانو ڪيو ويو هو.افغانستان ۾ سندس واپسي جي ڪجهه ئي هفتن اندر مٿس خودڪش حملو ڪيو ويو جنهن ۾ سندس سينئير ساٿي مارجي ويا آهن.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter