سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

احتساب تيز ٿيو ته پارٽي احتجاج ڪندي...؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/27/2018

ويب ڊيسڪ
پيپلزپارٽي اڳواڻن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي يارهيين  ورسي جي موقعي تي گڏ ٿي حڪمرانن کي اهو پيغام ڏنو آهي ته جيڪڏهن آصف زرداري سميت پي پي قيادت خلاف احتساب جو عمل تيز ٿيو ته پارٽي عوامي رابطا مهم ذريعي احتجاج ڪندي.
پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو اجلاس  جيڪو نئون ديرو هائوس ۾ ٿيو تنهن ۾ ذريعن موجب  اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جنوري مهيني کان بلاول ڀٽو ملڪ جي مختلف شهرن ۾ رابطا مهم شروع ڪندو ۽ جلسن کي خطاب ڪندو.
پارٽي جي سي اي سي اجلاس بابت بريفنگ ڏيندي شيري رحمان تازو سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل جي آئي ٽي رپورٽ کي ڪوڙي رپورٽ قرار ڏيندي چيو ته انهن الزامن کي جنهن طريقي سان عدالت ۾ پروجيڪٽر تي پيش ڪيو ويو تنهن مان حڪمرانن جي نيت صاف نٿي لڳي.
پيپلزپارٽي چيو ته هر ادارو پنهنجي حد ۾ رهي ڪم ڪري.احتساب جي نالي تي انتقام ورتو ويو ته ان جا نتيجا خراب نڪرندا جنهنجي ذميواري حڪومت مٿان هوندي.
پيپلزپارٽي اڳواڻن موجب اهو صدارتي نظام آڻڻ يا ارڙهين ترميم ختم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن پر اسان نه ارڙهين ترميم ختم ڪنداسين نه صدارتي نظام جي حمايت ڪنداسين
شيري رحمان چيو ته پاڪستان ۾ احتساب جو عمل شروع ئي پيپلزپارٽي کي ٽارگيٽ بنائن لاء ڪيو ويو هو.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter