سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

سُرن جو سَرمد ۽ ڌرتي جي صدا


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/26/2018


بابو سومرو

سرمد سنڌ جو اهڙو فنڪار هو.جنهن رواجي درٻاري شاعري کي ڌڪاري ڇڏيو.هُو پنجابي مغل هو، سندس اصل نالو عبدرالرحمن مغل هو ۽ پيدائش 7 جولائي 1961 تي خيرپور ميرس جي ٽائون جهڙي شهر پريالو ۾ ٿي.شروع واري تعليم مئٽرڪ تائين سندس ئي شهر مان حاصل ڪيائين.بعد ۾ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور مان سول ٽئڪنالاجي ۾ ڊپلوما ڪيائين.اهو دؤر 80ع جو دؤر هو.ان ئي دور ۾ سرمد موسيقي جي ميدان ۾ به سرگرم هو.جڏهن ته سرمد 1984ع واري ڏهاڪي ۾ پهرئين حيدرآباد ۾ نوڪري ڪئي.جنهن کانپوءِ ڪراچي هليو ويو.اتي به بلنڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ سب انجنيئر جي نوڪري ڪندو رهيو.جتي زندگي جي آخري گهڙين تائين ڪم ڪندو رهيو..
.
الڪيميسٽ ناول جو ڪيڏو نه اتسائيندڙ جملو آهي ته ”جيڪڏهن اوهان ڪنهن به شيءِ کي دل سان چاهيندا ته دنيا توهان کي ان سان ملائڻ جي جستجو ۾ لڳي ويندي.“ اهو ئي ته عمل جو رد عمل به آهي.جو هڪ ننڍڙو رحمان جيڪو ماچيس جي باڪس تان ڌُن کي گٽار جي رڌم ۾ وڄائي، ڳائي شادي جي ڪاڄن جو ڳائڻو بڻيو.عشق هن کي اصل رستي تي آڻي بيهاريو جنهن هن کي سرمد بڻائي ڇڏيو.شروع ۾ سرمد دوستن جي محفلن، ڪاليجي پروگرامن ۽ اسڪولن ۾ ڪلام ڳائيندو هو.جنهن کانپوءِ هن کي ڪوثر ٻُرڙي ريڊيو پاڪستان تي آندو.انهيءَ عروج کانپوءِ سينيئر شاعر سميع بلوچ سرمد جي ڪَلا کي ڄاڻي پي ٽي وي تان سڄي سنڌ ۾ متعارف ڪرايو.اهو ئي سرمد اڳيان هلي انقلابي فنڪار ٿي اُڀريو.سرمد زاهد شيخ، راشد مورائي،شيخ اياز، حليم باغي ٻين سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن جا انقلابي ۽ رومانوي ڪلام ڳائي سنڌ جي نوجوانن ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو.دؤر حاضر ۾ اسان وٽ جڏهن سرمد جهڙو باغي روح فنڪار ناهي ته سنڌ جو نوجوان موسيقي جي ميدان ۾ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي؟ اهو به هڪ اهم سوال آهي.پر ڇا سرمد جو خال ڀري سگهبو؟ هو جيڪو سُرخ صدا بُلند ڪندو ۽ ريٽي دز اڏائڻ جو درس ڏيندو هو، سو سنڌ جي سرحدن کان ته وسري نٿو سگهي.پر ڇا ويس مٽائي وري سگهندو؟.

اسي  وارو دؤر جنهن ۾ قومي تحريڪ جو عروج هو.سرڪار به سرگرم هئي.ان وقت سرمد پنهنجي ڳائڻ ۾ به سُر گرم جوش سان ڇيڙيندو هو.ان ئي دؤران هن جي ملاقات جي ايم سيّد سان ٿي.جيڪو به آواز انداز ۾ ايڏو متاثر ٿيو جو سرمد کي ”سنڌي“ جو لقب ڏنائين.هاڻ هو نه مغل هو نه ئي رحمان پر هاڻ سرمد سنڌي بڻجي ويو هو.هن جي آواز يونيورسٽي جي شاگردن ۾ سرخ هوائن ۾ گرم جوشي جي سور ڦوڪي ۽ نوجوان هُن کي هر محفل ۾ گهرائي شوق سان ٻڌندا هئا.جڏهن سنڌ ۾ تحريڪن تي پابندي هُئي.ضياءَ جي مارشالا عوام جو ساھ ٻوساٽي رهي هئي.ايم آر ڊي تحريڪ جي ڪارڪنن کي به جيلن ۾ واڻيو ٿي ويو. قومي تحريڪ جو پيغام پهچائڻ مُشڪل هو.ان وقت سرمد ”سنڌيت“ جو پيغام سُرن جي ڪئسٽن ذريعي ڦهلايو.
.
جيتوڻيڪ ڊسمبر سنڌ کي سدائين سور جا سنديس آڻي ڏنا آهن.ان سور جو ڪاٿو ڪيئن لڳائي سگهجي؟
سرمد پهريون ڪلام اهڙو ڳائي ويو جيڪو اڄ به ياد جي ديس ۾ زندھ آهي.هن پهريون ڪلام پي ٽي وي تان ڳائيو هو.جيڪو ”تنهنجي ياد جي وري آ وير، لڳي رهي آ ٿڌڙي هير“ هو.ان ڪلام جو درد اهو ئي محسوس ڪري سگهي ٿو.جيڪو جنگ تي بچيل سپاهين جيئن ڪويلين کي اياز جو اهو بيت جو بند چوندو هجي ته:
“وڃو ڪويليو وڃو وڃي پرين کي چئو
اڃا پيو جيئن الا اڃا پيئو جيئن
.“
اهو به سرمد جو ڳايل اهڙو ئي صدا ڀريو گيت آهي.جنهن کي به محسوس ڪندي ڪيترائي تصور اڀري اچن ٿا.ڊسمبر جي اها رات سنڌ ديس جي آڪاس تي ايڏي ئي حملي آور ثابت ٿي هوندي، جيڏي عربن جي آمد وقت نڀاڳ ڀري رات هئي.جڏهن سرمد پنهنجي آخري رات ڏٺي هوندي.هن کي پنهنجي ديس جي دراوڙن وانگر ڪهڙي خبر ته اوچتو حملو هن کان هن جو ديس لُٽي ويندو.اها رات ٻي ڪائي نه پر 27 ڊسمبر واري رات هئي.جڏهن هو بدين کان ڪوسٽر ۾ ڪنهن پروگرام تان ڪراچي واپس وڃي رهيو هو ته اوچتو ڪمند ڀريل ٽرڪ سان ٽڪر ٿيو.جنهن ۾ سرمد زخمي ٿي پيو.جنهن تي سرمد کي اسپتال آندو پي ويو.پر هو موڪلائي چڪو هو.سُرن جي سنگم جو ناتو ان ڏينهن سنڌ کان موڪلائي ويو. سنڌ هن جي وڇوڙي کان وٺي اڄ تائين ياد جي وري آ وير آلاپي رهي آهي.
.
جڏهن ته تحرڪ وارو فلسفو هر شيءِ جو متبادل پيدا ڪندو آهي.پر اڄ جيڪي حالتون سنڌ ڏسي رهي آهي ڪيڏيون نه بدتر آهن.باوجود ان جي ڪوبه سرمد جو متبادل پيدا ٿي ناهي سگهيو.هاڻ ته راڳ جو دَيس”مال تي ڌمال“ جي چڪر ۾ ٻُڏندڙ ٻُوڻن جيئن آهي.جنهن مان نڪري تڏهن ئي سگهجي ٿو.جڏهن وري سرمد جهڙو سُريلو آواز ڪا صدا بلند ڪري.شيخ اياز سرمد تي ڪيڏو نه شاهڪار تاثر لکيو هو ته ”سرمد جو آواز اڃا تائين ڪتين جي ڪنن ۾ گونجندو هوندو ۽ ستارا اهو ٻڌي سوچيندا هوندا ته سنڌ، ڌرتي اهڙي اپگرھه آهي جتي اهڙي لازوال ڏات پيدا ٿي سگهي.
.“
پر آئون ان سوچ ۾ ٻڏل آهيان ته ستارن جي هيٺ هي ڌرتي وري ڪڏهن ياد جي وير مان سُرن جو سرمد تخليق ڪري سگهندي جيڪو ڌرتي جي صدا لڳائي ميدان کي ڳائي وڄائي نوان سُر آلاپي؟

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter