سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

بلاول جي تقرير ڀلي پر ڪمپني چورن جا گناهه معاف ڪرائي سگهندو؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/28/2018

نثار کوکر
شهيد بينظير ڀٽو جي يارهين ورسي جي موقعي تي گڏ ٿيل هزارين ماڻهن جي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري تمام جذباتي ۽ بهترين تقرير ڪئي.هن نالو کڻڻ کانسواء انهن ڪردارن کي للڪاريندي پيغام ڏنو ته اگر سندس والد خلاف جي آئي ٽي واري رپورٽ تحت ڪاروائي ڪئي وئي ته هو اڪيلي پارٽي طوربه  سندن مقابلو ڪندا.
بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تقرير ۾ جن غير جمهوري قوتن کي تنقيد جو نشانو بڻايو انهن کي هن ملڪ جا نام نهاد ٺيڪيدار قرار ڏنو.هن جي آئي ٽي رپورٽ جو مذاق اڏائيندي چيو ته اهي نڪتا هئا مني لانڊرنگ جي جاچ ڪرڻ ۽ اچي پهتا منهنجي ڪپڙن جي لانڊري تائين.هن جي آئي ٽي کي طعنو ڏنو ته انهن کي اسلام آباد مان اغوا ٿي افغانستان ۾ قتل ٿيل ايس پي طاهر داوڙ جا قاتل ته نٿا ملن پر منهنجي ناشتي جو بل انهن کي ملي ٿو وڃي.
بلاول ڀٽو جي تقرير گهڻ پاسائين هئي جنهن ۾ هن پشتون تحفظ موومنٽ جي نوجوانن کان ويندي ڪوئيٽيا بلوچستان جي لاپته ماڻهن جو به ذڪر ڪيو پر هن سنڌ جي لاپته ماڻهن جو ذڪر ڪرڻ کان لنوائيندي نياپو ڏنو ته بينظير ڀٽو جي شهادت بعد سنڌ مان علحدگي جو نعرو بلند ٿيو هو جنهنکي سندس والد پاڪستان کپي جو نعرو هڻي ختم ڪيو ۽ هاڻي توهان ان خالف جي آئي ٽي رپورٽ ڏني آهي.
بلاول ڀٽو زرداري جي تقرير پنهنجي والده جي يارهين ورسي جي تقريب جي موقعي تي هئي پر منظور ميراڻي چواڻي ته مقررن بينظير کان وڌيڪ جي آئي ٽي رپورٽ تي ڳالهايو.هن خاڪي وردي جو نالو پنهنجي تقري ۾ ته نه ورتو پر حسن مجتبي جي شاعري پڙهي اهو نالو به کڻي  ورتو.
بلاول ڀٽو جي تقرير جو پڙاڏو هر هنڌ ٿي رهيو آهي .اڪثر ماڻهون سندس تقرير ۽ جوش خطابت واري فن جي تعريف ڪري رهيا آهن جياڪ ڪنهن حد تائين ٺيڪ به آهي  پر ڪجهه ماڻهون سندس تقرير جو ٻيو مطلب پڻ ٻڌائي رهيا آهن.
انهن جو خيال آهي ته بلاول ڀٽو زرداري کي  سنڌ ۾ ڦهليل بدانتظامي،ڪرپشن کان ويندي شهرن جي ابتر حالتن تي به ڳالهائڻ گهرجي ها.
بلاول جي تقرير ته سموري سياسي هئي جنهن ۾ هن پيغام ڏنو ته هو پنهنجي والد جي گرفتاري خلاف هر محاذ تي وڙهندو پر ڇا بلاول کي احساس آهي ته سنڌ هاڻي انور مجيد ائنڊ ڪمپني جي اومني جو دفاع ڪرڻ جي موڊ ۾ ناهي.ڪمپني سرڪاري جنهن گذريل ڏهن سالن کان سنڌ جي خزاني کي خالي ڪري پنهنجا ڪارخان ۽ شگرملون وڌايون هاڻي انهن کي ڇڏيو وڃي ته اهي پنهنجا وڪيل ڪري پنهنجا  ڪيس پاڻ وڙهن. بلاول ڇو انهن چورن  جا ڪيس مفت ۾  عوامي عدالتن اڳيان وڙهي رهيو آهي.انهن جو دفاع ڪرڻ بدران بلاول ڀٽو کي سنڌ جي ڪمند جي آبادگارن جو ڪيس وڙهڻ گهرجي جن کي انور ميجد جي اومين ڪمپني رت جون مانيون کارايون آهن.بلاول کي  انهن ٿري ٻارڙن جو دفاع ڪرڻ گهرجي جيڪي خوراڪ جي قلت سبب پنهنجي ماء جي ٿڃ به نٿا پي سگهن ۽ اسپتالن ۾ رلائيندي رلايندي بچپن ۾ فوت ٿي وڃن ٿا.بلاول کي مظلوم ماڻهن جو دفاع ڪرڻ گهرجي جن کي سندس ڏهه ساله  ڀوتارن واري سرڪار اگهاڙُ ڪري بينظير ڪارڊ واري قطار ۾ لڳائي ڇڏيو آهي.
هاڻي وقت اچي ويو آهي ته جمهوريت جي جنگ ۽ اومني گروپ جي جنگ کي الڳ الڳ ڪري ڏسڻ گهرجي.انور مجيد،منظور ڪاڪا ،اويس ٽپي ، حسين لوائي ،منظور ڪاڪا ۽ ٻين اهڙن منفي ڪردارن جي ڪري جمهوريت جو نالو يا شهيد بينظير جهڙي عظيم ليدر جو نالو استعمال نه ڪرڻ گهرجي.انهن ڪردارن ۽ انهن ڪمپنين کي عدالتن اڳيان پنهنجو ڪيس پاڻ رکڻ ڏنو وڃي ڇو ته  اهي ملزم رڳو عدالت يا قانون جي نظر ۾ ملزم ناهن پر اهي سنڌي قوم جا به مجرم آهن ڇو ته ڊاڪٽر منير ڀرڳڙي چواڻي انهن جمهوري حڪمراني جي نالي ۾ ڏهن سالن کان سنڌي جي وسلين سان ريپ ڪيو آهي ۽ خدا انهن کان ضرور پڇاڻو ڪندو.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter