سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

شهيد بينظير جي قتل ڪيس جو ڇا ٿيو؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/26/2018

شعيب سرور وڌو
ڊسمبر جو هي اداس مهينو پنهنجني ٿدري هوائن کي ويڙهي اختطام جي طرف وڃي رهيو آهي،ان موسم جي اداسي ۽ خون ۾ لپٽيل اُها شام جيڪا 11 سال پهريان راولپنڊي جي ان بدنصيب لياقت باغ ۾ قائدعوام جي ڌيءَ ۽ دنيا جي عظيم ليڊر محترم بينظير بهٽو کي بم بلاسٽ ڪري شهيد ڪيو ويو. اچڻ وارو سال به ان عظيم ليڊر جي خوشڪـ ٿيل خون جو ڏک ڪون وساري سگهندو، ۽ هميشه جيان ملڪـ جو عوام پنهنجي هن عظيم قائد جي وڇوڙي کي ساريندو رهندو ۽ وچن ڪندو ته هوءَ اڄ به زنده آهي.
.
محترم جي ياد ۾ شاه سائين جو هي بيت
اڄ پڻ اکرين سڄڻ پنهنجا ساريا
گلن ٽآ ڳوڙڻ جون ، بوندون بس نه ڪن
سندي سڪـ پرين لوڪـ ڏٺي نه لهي

27 ڊسمبر جو ڪارو ڏينهن موکي اڄ به ياد آهي سج به پنهنجي اختطام جي طرف وڃي چڪوهيو پر”خون جي اُداسي“ جي اهڙي داستان ڇڏي ويو جيڪا تا قيامت ۽ ايندر نسئلن کي به ياد رهندي . شهيد راڻي جي جهدوجهد ۽ پنهنجي عظيم پيءَ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي اصولن واري سياست کي کڻي آمرن سان مهاڏو اٽڪايو ، ازيتون سٺيون جيل ڪاٽيا ۽ جلاوطن به رهي ۽ پنهنجي عظيم پي ۽ پنهنجي اصولن جي صوديبازي نه ڪئي . اهوئي هو جو ڊڪٽيٽر جنرل مشرف سان به مهاڏو اٽڪايائين ۽ جمهوريت جي جنگ وڙهندي وڙهندي خودڪش بم ذريعي موت جي نند سماري وئي.
.
27 ڊسمبر تي عظيم اڳواڻ جي ورسي مهلائي ويندي آهي ان موقعي تي ڪجهـ واعدن کي ياد ڪيو ويندو آهي ۽ ڪجهـ نوان واعده ڪيا ويندا آهن . عوام پنهنجي قائد کي زوردار نارن سان ”زنده هي بي بي زنده هي“ گونجاريا ويندا آهن. پارٽي اڳواڻڻ محترمه جي پهرين ورسي جي موقعي تي هڪـ معصوم دعوي ڪئي هئي ته ان کي خبر آهي ته محترمه کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪنهن ڪئي هئي ۽ ڪٿي تيار ڪئي وئي هئي.
.
اڄ شهيد راڻي جي 11ورسي ملائي ويندي پر افسوس جو هر قتل ٿيندر عظيم ليڊرجيان شهيد راڻي جو”قاتل ڪير“؟ هڪـ سواليا نشان ۾ گم ٿي ويندو آهي ، هن ملڪـ جي تاريخ کي سامهون رکي ڏٺو وڃي ته اهو سمجهڻ ۾ دير ڪون لڳندي ته قاتل ڪيرهو؟ ڪڏهن به اهو سوال ختم ڪونه ٿيندو ، هرسال جيان انهن ليڊرن جي مزارن تي گل ڇٽيا ويندا ،چادرون چاريون وينديون ۽ دعائون گهريون وينديون پر عظيم ليڊر جي قاتلن جي خبر ڪونه هوندي ؟.

ڊسمبر 27 دنيا جي هن عظيم ڌيءَ ، عظيم ليڊر ۽ عظيم ماءُ جي ورسي تي موکي صرف ايترو چوڻو آهي ته: سنڌ جو عوام اڄ تائين تنهنجي ڪيل واعدن جي انتظار ۾ ويٺل آهي، اهي واعدا ڪڏهن پورا ڪيا ويندا؟ اوهان جي پارٽي ۽ حڪومت ڪوبه جواب ڏيڻ کان قاصر آهي .
هي نظم مان محترمه جي عقيدت نظر ڪيان ٿو ، هي مون سميت هن ملڪـ جي لکين ڪارڪن جي امنگ هئي.
عوام دوست ماڻهن جي آواز آهي،
تون وسري نه آهين، ياد آهين،
هي مٽي توکي پياري هئي،
هي مٽي توکي ساري ٿي،
مزدورن کي جنهن جنت جا،
توهان ڏيکاريا سندرسپنا هيا،
اڄ به اها گونج جنهن ظالمن کي،
للڪار هئي ڪئي،
جيڪا تاقيامت ختم نه ٿيڻي آ،
جموريت جي سرواڻ هيئين تون،
تون وسري نه آهين، ياد آهين.
.
شهيد راڻي هي نظم اوهان جي نظر ڪرڻ جو مقصد اهو به آهي ته : شايد ايوانن۾ ويٺل انهن حڪومرانن کي اهو آواز محسوس ڪرائجي ته هو اوهان جا قاتل گرفتار ڪن..
 

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter