سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

شيري جي سيلفي


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/27/2018

لاهوتي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ويو ته شهيد بينظير جي ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ هو پر اڳواڻن کي ڏسي موٽي آيو.

ڪارڪنن جا حال ساڳيائي پراڻا هئا باقي سندن اڳواڻ ڀوتار نئين پاڪستان ۾ داخل ٿي چڪا هئا.انهن لئه الڳ گيٽ،ويهڻ جي الڳ جڳهه ايستائين جو انهن جي لينڊ ڪروزر گاڏين ۽ ڊبل ڪيبن وارن گارڊن جي گاڏين بيهارڻ واري پارڪنگ به طبقاتي سسٽم تحت ٺاهي وئي هئي.

اسان واري بس کي ٻه ڪلو ميٽر پري پوليس بيهاري ڇڏيو باقي ڀوتارن جي گاڏين کي اسٽيج جي ويجهو واري گيٽ تائين ڇڏيائون.

ڀوتار ٽنڊي جي هن  شاه ۽ جيڪب آبادي جکراڻي وانگر  اهڙا تيار ٿي تيل ڦليل ڪري وڃي اسٽيج تي ويٺا جو ٻين ته ٺهيو شيري رحمان به انهن سان سليفي ڪڍائي ورتي.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter