سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

اي سي ايل واري لسٽ ۾ ڪير ڪير شامل آهي ؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/29/2018


ويب ڊيسڪ
جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل جي آئي ٽي رپورٽ جي روشني ۾ وفاقي ڪابينا 172 ماڻهن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي.
ان لسٽ جي منظوري وفاقي ڪابينا 27 ڊسمبر تي ڏني هئي. چئن صفحن تي جاري ڪيل ان لسٽ ۾ جن ماڻهن جا نالا شامل ڪيا ويا آهن انهن ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري،سندس والد آصف علي زرداري،سندس پڦي فريال ٽالپر،سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاه،اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاه سميت اهم ماڻهن جا نالا شامل آهن.
ان لسٽ ۾ ايم پي اي علي حسن زرداري ،مڪيش چاولا،  علي نواز مهر،امتياز شيخ ۽ سهيل انور سيال جا نالا پڻ شامل آهن.
اي سي ايل لسٽ ۾ اومني گروپ جي انور مجيد سميت 10 ماڻهن جا شامل آهن.ان لسٽ ۾ پهرئين نمبر تي عبدالغني انصاري جو نالو آيل آهي جڏهن ته عبدالغني مجيد جو ٻئي نمبر تي نالو ڏنل آهي.ان لسٽ ۾ آصف علي زرداري جو نالو 24 نمبر تي ڏنل آهي بلاول ڀٽو جو نالو 27 نمبر تي ۽ فريال ٽالپر جونالو 36 نمبر تي ڏنل آهي.
وفاقي ڪابينا جي فيصلي موجب ان لسٽ ۾ شامل سمورا ماڻهون پرڏيهه سفر نٿا ڪري سگهن. وفاقي ڪابينا اهڙو فيصلو 27 ڊمسبر تي ڪيو هو پر مڪمل لسٽ سوشل ميڊيا تي اڄ کان گردش ڪري رهي آهي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter