سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

لياري ۾ رڳو عزير بلوچ نٿو رهي


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/27/2018


سڪندر مهيري
مونکي اها خبر جڏهن پئي ته مشهور بلوچ ميوزڪ ڊائريڪٽر ظهور خان زيبي ڪراچي جي هڪ سرڪاري اسپتال ۾ گذاري ويو. ته اعتبار نه پئي آيو ته لياري ۾ به ڪو ميوزڪ ڊائريڪٽر رهندو هوندو ۽ ان جي مالڪي پيپلزپارٽي نه ڪئي هوندي.هن پيپلزپارٽي جي تراني جهڙي مقبول گيت دلان تير بجان وارو نغمو ڪمپوز ڪيو هو.ان سان گڏ هن ڪيترائي بلوچي نغما پڻ ڪمپوز ڪيا هئا.
هن جي  گذريل ٽيهن سالن کان پيپلزپارٽي سان وابستگي هئي  ۽ هن وٽ جيڪو ڪجهه هيو يعني ميوزڪ ڪمپوزنگ وارو هنر  سو هن پارٽي کي اهڙي صورت ۾ ارپيو جو اڄ ڏينهن تائين دلان تير بجان  پارٽي جو ڄڻ ته ترانو بڻيل آهي.ان نغمي تي جنهن جي جسم ۾ حرارت پئدا نه ٿئي جوش جذبو نه اچي ته سمجهو اهو جيالو ئي ناهي.هن پنهنجي وس آهر لياري ۾ زيبي ميوزڪ اڪيڊمي پڻ قائم ڪئي هئي.
ظهور خان گذريل ڪجهه وقت کان ڪراچي جي سرڪاري اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.سندس ڀاڻج ميڊيا سان ڳالهائيندو چيو هو ته اسان ٽيهن سالن کان پيپلزپارٽي جي خدمت ڪئي آهي پارٽي ڪيترا.ئي دفعا اقتدار ۾ آئي پر اسان ان کان ڪجهه ورتو ناهي.هيئنر ٻيو ڪجهه نه پر دلان تير بجان جي موسيقار جو علاج شهر جي ڪنهن سٺي اسپتال مان ڪرايو وڃي.پر شايد اها ڳالهه وزيراعلي هائوس يا بلاول هائوس جون اوچيون ديوارون ڪراس نه ڪري سگهي ۽ حڪمرانن جي ڪنن تائين استاد ظهور زيبي جي تشويش ناڪ حالت جو قصو نه پهچي سگهي ۽ نيٺ هو جمعي ڏينهن گذاري ويو.
سندس جنازو ته چاڪيواڙا پاڙي مان کنيو ويو.سندس زندگي ۾ اگر قدر ڪيو وڃي ها ته استاد ظهور پارٽي کي اڃان گهڻو ڪجهه ڏئي پئي سگهيو پر هاڻي شايد پارٽي کي لياري مان ميوزڪ ڪمپوزرز کان وڌيڪ ضرروت عزير بلوچن جي آهي جيڪي لياري جي گهٽي گهٽي مان کنڀين جيان ڦٽي پيا آهن.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter