سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ڪڙيو جي موچڪي دڪان کان اي جي پي جي صدارت تائين.


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/28/2018


وشنو مل جو اڻٿڪ سياسي سفر

مطفي اياز مهيري

سنڌ ۾ سياسي تحرڪ واري عروج دور کان ويندي هاڻوڪي سياسي ماٺار تائين انهن جماعتن ۾ مرڪزي عهدن تي اختلاف ٿيندا رهيا آهن جيڪي پاڻ کي قومپرست ترقي پسند يا نظرياتي پارٽيون چونديون رهيو آهن. انهن جماعتن نظرياتي ڪتاب ته پنهنجي ڪارڪنن کي جام پڙهايا پر کين سياسي پيري مريدي کان آجو نه ڪري سگهيون. انهن جماعتن جي قيادتن پاران جاگيردارانه لاڙا متعارف ڪرائڻ سبب انهن جي قيادت موروثي ملڪيت جيان سندن اولاد ڏانهن منتقل ٿيندي رهي يا اهي  اڳواڻ پاڻ تاحيات قائد ٿي پارٽي تي ٿاڦيل رهيا.

ان افسوسناڪ سياسي منظر ۾ تازو هڪ ترقي پسند قومپرست جماعت عوامي جمهوري پارٽي پاران پنهنجي هڪ اهڙي اڳواڻ کي مرڪزي صدر بڻايو آهي جيڪو هيٺيئين طبقي سان واسطو رکي ٿو ۽ ڪنهن به ليڊر جو سئوٽ ماسات ناهي.کڻي جو هن وقت هو سنڌ جي وچولي سياسي جماعت جو مرڪزي صدر چونڊجي چڪو آھي پر هن کان اڳ به هو مسلسل جدوجهد جي علامت بڻيل هو. شھيد فاضل راهو کان متاثر ٿي وشنو مل سندس ئي پويان هليو.هو ان وقت پنهنجي مستي واري زندگي دوران ئي ان پارٽي ۾ شامل ٿي ويو جا ان وقت تائين عروج تي هئي جيستائين شھيد فاضل راهو زنده هو پرهن  فاضل پڄاڻان  به ان پارٽي لاء جاکوڙيندو رهيو جنهن پارٽي کيس ڪڏھن به ان عهدي لائق نه سمجهيو.

ڇوته هو پارٽي سرواڻ جو فيملي ميمبر نه هو آخر ۾ کيس به انهن سچن ڪامريڊن سان گڏ پارٽي مان نيڪالي ڏني وئي جنهن پارٽي کي انهن پوري زندگي ارپي ۽ اڄ به وشنو مل جي ڪل پونجي الزامن کان آجو هجڻ آھي اڄ به سندس ڀاء موچڪو دڪان هلائي ٿو. اڄ به هو ۽ سندس خاندان مقامي رئيسن ۽ ڀوتارن جي عتاب جو شڪار ٿيندو رهي ٿو کڻي جو هاڻي وشنو مل جا پٽ نياڻيون ڀائيٽا ۽ نئون نسل پڙھيو لکيو بڻجي چڪو آھي پر ان هوندي به سندن گذر سفر آڻين ۽ چاڙھين واري طبقي سان آھي.

وشنو مل سنڌي مزدور تحريڪ سنڌي هاري تحريڪ جو به سرگرم اڳواڻ رهيو ته عوامي تحريڪ جو مرڪزي پريس ترجمان به رهيو. هن ڪڙيوگهنور جهڙي ننڍڙي شھر ۾ نياڻين کي سياسي طرح  اڳيان آندو جن ٽيبلوز به پيش ڪيا ته قومي گيت به ڳائڻ لڳيون هن ادب سان به لڳاء رکيو ته نوجوانن کي ڪتابن پڙھڻ جو عادي پڻ  بڻايو.
وشنو مل جي قيادت تي سمورن اي جي پي وارن محنت ڪئي پر خود وشنو مل چيو ته سماجي تبديلي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ دوستن ۽ سنڌي عوام وڌيڪ ذميواري جو بار رکيوآهي جيڪو آئون خوش اصلوبي سمجه سهپ حوصلي مسلسل جستجو سان پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس اهڙي ڳري بار کڻڻ توڙ بنائڻ پوري سماج ۾ تحرڪ پئدا ڪرڻ لاءِ سمورن ساڃاءِ وندن سياسي سماجي ڪارڪنن اديبن شاعرن استادن شاگردن وڪيلن صحافين ۽ سنڌي عوام جي ساٿ ۽ رهنمائي جي ضرورت آهي

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter