12/28/2018
سنڌ فتح ڪرڻ جي شوق ۾
صدين جي تاريخ ۾
ڪيترن ئي حملي آورن ۽ لشڪرن جي،
لکين هڻڪندڙ گهوڙن جي ٽاپ ٽاپ،
لتاڙيل سنڌواسين جون آهون ۽ دانهون،
هن ڌرتي جي تهن ۾ دفن آهن،
مگر ايوب،ضياء،مشرف سميت
سڀئي بي نام و نشان بڻيا،
پر سنڌ پنهنجي سڃاڻپ،
تهذيب،
ٻولي سميت موجود آهي،
ارڙهين ترميم کان ساڙ به
گهڻو ڪجهه خاڪ ڪري ويندي.
(اردو مان ترجمو: ڌرتي ٿيٻو)