سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

بلاول شعر پڙهڻ جي مهرباني پر ان جا لفظ تبديل نه ڪريو


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/29/2018


حسن مجتبي
بينظير ڀٽو جي شهادت جي پس منظر ۾ لکيل طويل نظم، وه لڙڪي لال قلندر تهي ، جي شاعر حسن مجتبي اعتراض ڪيو آهي ته سندس نظم جا لفظ تبديل ڪرڻ جو حق ڪنهنکي به ناهي.

حسن مجتبي جو اهو نظم  پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي يارهين ورسي جي موقعي تي پڙهيو هو. جنهنجي هڪ سٽ ۾ وه قيدي تهي زرداررون ڪي بدران بلاول ڀٽو لفظ تبديل ڪري وه قيدي تهي زندانون ڪي پڙهيو.

شاعر حسن مجتبي پنهنجي فيس بڪ اسٽيٽس ۾ بلاول ڀٽو جا ٿورا مڃيندي لکيو آهي ته مونکي خوشي ٿي توهان منهنجو نظم پڙهيو.مونکي عزت بخشي پر گهٽ ۾ گهٽ شاعر جو نالو کڻڻ جيتري توفيق توهان کي ٿيڻ گهرجي ها. ٻي ڳالهه ته توهان يا توهان جي مٽن مائٽن يا پارٽي جي ماڻهن کي ڪو حق نٿو پهچي ته منهنجي نظم جون سٽون يا لفظ سينسر ڪن يا انهن جا مفهوم بدلائي ڇڏين، جيئن زردارون بدران زندانون ڪيو ويو آهي.

حسن مجتبي جو طويل نظم بلاول ڀٽو  زرداري ڳڙهي خدابخش ۾ جذباتي انداز ۾ تڏهن پڙهيو جڏهن کيس اسٽيبلشمنٽ کي سخت مقابلي جو پيغام ڏيڻو هو.هن جذباتي انداز ۾ نظم پڙهندي وه قيدي تهي زردارون ڪي بدران وه قيدي تهي زندانون ڪي ڪري پڙهيو.

وه بهن ڪسانون ڪي پياري
وه بيٽي مل مزدورون ڪي
وه قيدي تهي زردارون ڪي
عيارون ڪي سردارون ڪي
جرنيلون ڪي غدارون ڪي وه ايک نهتي لڙڪي تهي
اور پيشي تهي دربارون ڪي.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter