سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

هالي ووڊ اداڪاراه انجلينا جولي آمريڪي سياست ۾ حصو وٺندي.؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/29/2018

ويب ڊيسڪ
اهو سوال هڪ ريڊيو سروس پاران جولي کان ائين ڪري پڇيو ويو ته ڇا توهان ايندڙ صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺنديون ته مشهور اداڪاره ان جو تفصيلي جواب ڏنو.هن ريڊيو ميزبان کي چيو ته اهو سوال جيڪڏهن مونکان 20 سال اڳ ڪيو وڃي ها ته مان شايد  ان کي کلي ٽاري ڇڏيان ها.

اداڪاره چيو ته سچ پچ به ان باري ۾ مونکي خبر ناهي پر مان سدائين اتي ويندي آهيان جتي ماڻهن کي منهنجي ضرورت هوندي آهي.مونکي خبرناهي ته سياست لئه مان فٽ آهيان يا نه پر هاڻي مان اهو سڀ ڪجهه ڪنديس جنهن سان ڪا نه ڪا تبديلي اچي سگهي.

انجلينا جولي بي بي سي ريڊيو فور جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته هاڻي مان اقوام متحده جي اهڙي ايجنسي سان ڪم ڪريان ٿي جيڪا اقوام متحده جي سڀني ٻين ايجنسيز سان گڏيل آهي.اقوام متحده تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي انهن جي معرفت ئي مونکي مختلف ماڻهن.مختلف حڪومتن،.مختلف فوجن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو آهي.تنهنڪري في الحال ته اتي ئي ڳالهه کي ختم ٿي ڪيان.

اداڪاره جي ان جملي کي وٺندي ريڊيو هوسٽ کيس چيو ته في الحال جو مطلب توهان سياست ۾ اچڻ کان انڪار به نٿا ڪريو، جنهن تي انجلينا جولي کلي پئي ۽ کيس ٿينڪ يو چئي فون بند ڪري ڇڏيائين.
انجيلنا جولي جي اهڙي بيان کانپوء ٽوئيٽر تي هڪ نئين بحث جي شروعات ٿي وئي آهي ته جولي مستقبل ۾ سياست لئه رستو کليل ڇڏيو آهي.
انجلينا جولي يارنهن سال اقوم متحده جي پناهگيرن واري اداري يو اين ايڇ سي آر ۾ ڪم ڪيو آهي جڏهن ته 2012 ۾ کيس خاص نمائندو ڪري مقرر ڪيو ويو آهي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter