سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

بختاور جا ٽوئيٽ ذلت کان موت کي ترجيح جون ڳالهيون


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/30/2018


لاهوتي
پهريان سوچيم ته سنگت سان نئين وزيراعلي وارو مليل حوال ونڊ ڪيان پر لاهوتي جو خيال ان وقت مٽجي ويو جڏهن ٽوئيٽر تي بختاور ڀٽو زرداري جا ٽوئيٽن مٿان ٽوئيٽ ڏٺا..توهان ڀائر ويٺا آهيو ته بختاور جو نالو ڀلو پر اهو جيڪو ٻن ذاتين کي گڏائي هڪ ڪيو اٿن اها ڳالهه لاهوتي کي اصل وڻي ئي ڪونه سو پاڻ اڳتي ان نياڻي کي بختاور ئي سڏينداسين.
توهان سنگت سان پنهنجا حوال ته هلندا پيا پر 27 ڊسمبر واري شهيد بينّظير ورسي کانپوء رڳو بلاول ئي بيانن ۾ سرگرم ڪو نه ٿيو آهي پر پنهنجي والد آصف زرداري جي دفاع لئه سندس نياڻي بختاور به ميدان ۾ لهي پئي آهي.
لاهوتي کي پنهنجا حوال ڪرڻ کان وڌيڪ دلچسپي ان ۾ آهي ته توهانکي ادڙي بختاور جا ٻه ٽي ٽوئيٽ ٻڌائي جيڪي هن تازو پنهنجي اڪائونت تان ڪيا آهن.
تازي ٽوئيٽ ۾ بختاور لکي ٿي ته 27 ڊسمبر تي جيئن ئي بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تقرير ۾ 1996 واري اصغر خان ڪيس جو ذڪر ڪيو جيڪو فيصلي جي انتظار ۾ آهي .اهو ڪيس انٽيليجنس  ايجنسين پاران  فنڊنگ ڪري بينظير ڀتو جي حڪومت ڊاهي وئي  ته بلاول جي ان تقرير جي 48 ڪلاڪن اندر ايف آئي اي سپريم ڪورٽ کي گذارش ڪئي آهي ته اهو ڪيس ئي بند ڪيو وڃي.
ان کان اڳ هڪ ٽوئيٽ ۾ بختاور وفاقي حڪومت پاران جاري ڪيل اي سي ايل لسٽ ۾ سندس والد ڀاء ۽ پڦي جي نالن اچڻ تي اعتراض ڪيو هو.هن ٽوئيٽ ڪيو ته اسانجي وزيراعلي،اسان جي اڳواڻن ۽ اسان جي وزيرن جا نالا اي سي ايل ۾ ڏيڻ کانپوء ڇا پي ٽي آئي حڪومت ۾ اها جرئت آهي ته سنڌ مٿان حڪمراني جي دعوي ڪن.انهن کي ياد ڏياريندي هلان ته ضمني چونڊن ۾ انهن کي ٽئين نمبر تي ووٽ مليا آهن، سنڌ توهان کي رد ڪيو آهي.اسان توهان بدبودارن کي پنهنجي مٿان ، پنهنجي گئس ۽ پنهنجي ڌرتي مٿان  حڪمراني جي اجازت نه ڏينداسين.
بختاور ڀٽو هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته پي ٽي آئي حڪومت منهنجي ماء جي ورسي واري ڏينهن منهنجي ڀاء،والد ۽ پڦي جا نالا اي سي ايل ۾ ڏنا آهن.اهي سڀ چونڊيل نمائندا آهن.انهن مٿان اهي  ڌمڪين وارا طريقا ڪم نه ڪندا.
هن هڪ ٻئي ٽويئٽ ۾ لکيو آهي ته مخالف ڌر مٿان جبر ڪرڻ جي باوجود پي ٽي آئي پنهنجو غير قانوني مينڊيٽ نه لڪائي سگهندي.مشرف جي باقيات واري ڪابينا کي خبر ناهي ته اسان جو خاندان ذلت کان موت کي ترجيح ڏيندو آهي...اسان وڙهنداسين.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter