سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

سنڌ جو نئون ڄام يا ارباب ڪير ٿيندو ؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/30/2018


سڪندر مهيري ۽ دود چانڊيو
سنڌ ۾ جنهن طرح جون سياسي سرگرميون شروع ٿي ويون آهن ان ۾ هر طرف هڪ ئي سوال اڀري رهيو آهي ته سنڌ جو نئون وزيراعلي ڪير ٿيندو.اهو سوال انڪري به ڪيو پڇيو وڃي جو سنڌ ۾ اهو ڪجهه هن ڀيري ٿي رهيو آهي جيڪو اڳم ڪڏهن نه ٿيو هوندو.يعني سيٽ تي ويٺل وزيراعلي جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ ڏنو وڃي ۽ ٽي وي انٽرويوز ۾ مٿس جرح ڪئي وڃي ته ڇو نه کيس مني لانڊرنگ جي سهولتڪار ڪيس ۾ گرفتار ڪيو وڃي ته ان مان اسلام آباد ورن جي نيت صاف ظاهر نظر اچي رهي آهي.
اهڙي صورت ۾ گهوٽڪي جي ان سردار علي گوهر خان مهر جو ڪردار اهميت اختيار ڪري ويو آهي جنهن سنڌ جي آل پاورفل ادي فريال ٽالپر سان اختلاف رکي اليڪشن وڙهي هئي. ان فيصلي تان سندس گهر ڀاتي يعني راج خان مهر ۽ سردار محمد بخش مهر  پڻ مٿس ناراض ٿيا هئا ۽ اهي ساڻس گڏجي پارٽي کان الڳ نه ٿيا هئا پر هينئر سندس سردار گڙهه واري بنگلي تي اقتداري سرگرميون ڏسي اهي به سوچين پيا ته ڪٿي واقعي ائين ٿيڻ ته نه پيو وڃي جيئن اليڪشن کان اڳ کين ٻڌايو ويو هو. اليڪشن کان اڳ ته گهڻن اميدوارن کي ڏٽا ڏنا ويا هئا ته صرف هڪ سيٽ کٽي اچو باقي حڪومت جوڙڻ ۾ توهانکي مشڪل نه ايندي سو هاڻي گهرو وزير شهريار آفريدي سردار علي گوهر مهر جو مهمان بڻيل آهي جڏهن ته سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل پڻ ساڻس ڪچهري ڪرڻ آيو آهي .جڏهن ته پي ٽي آئي جو خرم شيرزمان سڌو سنئون چئي چڪو آهي ته هاڻي هو سنڌ ۾ به پي ٽي آئي جي حڪومت ٺاهيندا.اهڙي صورت ۾ سردار علي گوهر مهر جي قسمت جو ستارو چمڪي ٿو يا نه اها خبر جلد پئيجي ويندي

پي ٽي آءِ پاران سنڌ ۾ مراد علي شاهه جي سرڪار ختم ڪري پنهنجي سرڪار ٺاهڻ وارو خواب آساني سان ساڀيان ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته 18هين ترميم ۾ فاروڊ بلاڪ جي ٺهڻ ۾ رڪاوٽون، اپوزيشن وٽ عددي تعداد تمام گهٽ ۽ پاڻ ۾ اتحاد نه هئڻ سبب خرم شير زمان جي دعويٰ عملي حوالي سان آسان نه پئي لڳي.
.
پي ٽي آءِ کي سنڌ ۾ سرڪار ٺاهڻ لاءِ مخالف ڌر جي سمورن پارٽين جي سهڪار کانپوءِ به پي پي پي جي 21 منحرف ميمبرن جو ساٿ لازمي کپي، ڇاڪاڻ ته سنڌ اسيمبلي جي 168 جي ايوان ۾ پي ٽي آءِ وٽ عددي تعداد صرف 30 آهي، سندن مقابلي ۾ حڪمران جماعت پي پي پي وٽ سنڌ اسيمبلي ۾ 99 ميمبر موجود آهن. پي ٽي آءِ کانسواءِ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ٻين جماعتن جي ڊي اي وٽ 14، ايم ڪيو ايم پاڪستان وٽ 20، ايم ايم اي وٽ هڪ ۽ لبيڪ پاڪستان وٽ سنڌ اسيمبلي ۾ 3 ميمبر موجود آهن. سنڌ اسيمبلي جي گڏيل ايوان ۾ مخالف ڌر وٽ ٽوٽل 68 ميمبر موجود آهن، مخالف ڌر جي انهن ميمبرن ۾ لبيڪ پاڪستان ۽ ايم ايم اي هن وقت پي ٽي آءِ کان ناراض جماعتون آهن، تنهنڪري سنڌ اسيمبلي ۾ “اِن هائوس” تبديلي لاءِ اهي ٻئي پارٽيون پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏين،اهو مشڪل نظر اچي رهيو آهي، پي ٽي آءِ کي سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي جي مڪمل ساٿ کانپوءِ مراد علي شاهه جي سرڪار ڪيرائڻ ۽ نئين حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 21 ميمبر کپن، جيڪي پي پي پي جي ناراض ميمبرن کانسواءِ ممڪن ناهي. ان لاءِ به انهن ميمبرن کي پارٽي وفاداريون تبديل ڪري پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏيڻ سو به کليل راءِ شماري جي صورت ۾ 18هين ترميم جي ڪري ڏکيو هوندو. پي ٽي آءِ جي سنڌ حڪومت ڪيرائڻ واري دعويٰ بابت  ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن چيو ته 18هين ترميم بعد فارورڊ بلاڪ ٺهڻ سولو ڪم ناهي، پي ٽي آءِ کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ سڀني مخالف ڌر جي جماعتن جي ساٿ کانسواءِ پي پي پي جي فاروڊ بلاڪ جي ضرورت آهي، اگر عدم اعتماد جي رٿ جمع ٿي ۽ راءِ شماري ٿي، ان دوران پي پي پي ميمبر غير حاضر رهن، پوءِ اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو، پر سڄي عمل بنهه ڏکيو هوندو. اپوزيشن جي ٽئين وڏي جماعت جي ڊي اي اڳواڻ نند ڪمار گوڪلاڻي چيو ته اڃا پي ٽي آءِ ڪو رابطو نه ڪيو آهي، اسان جو فيصلو پاڳارو ڪندو، پر پي ٽي آءِ لاءِ سنڌ حڪومت ڪيرائڻ ايترو آسان نه هوندو، جيترو هو سمجهن ٿا..
 

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter