سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

زرداري پنهنجي ڪاروبارن بابت شفافيت ڏيکاري


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/31/2018


ويب ڊيسڪ
پاڪستان جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڪاروبارن ۽ مني لانڊرنگ بابت جي آئي ٽي جي آيل تفصيلي رپورٽ کي پي پي پي اڳواڻن ته رد ڪيو آهي ۽ اسٽيبلشمنٽ خلاف جنگ جو اعلان ڪيو آهي پر انگريزي اخبار ڊان پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ لکيو آهي ته عوام کي اهو حق آهي ته پنهنجا اڳواڻ چونڊي پر اڳواڻن جو به فرض آهي ته پنهنجي مالي معاملن بابت شفاف ٿين ۽ عوام کي درست ڳالهه ٻڌايئن.تنهنڪري زرداري کي اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوندو.
ڊان جي ايڊيٽوريل مطابق پيپلزپارٽي جو باس ۽ سندس ساٿي جيڪا ڳالهه جوڙي ٻڌايڻ چاهين ٿا سا اها آهي ته زرداري جي سياسي ۽ مبينا مالي سلطنت خلاف رياست جا اهي ماڻهون سرگرم آهن جن کي پارٽي جي پاليسين ۽ سياست مان خطرو آهي.
ممڪن آهي پارٽي جي انهن الزامن ۾ ڪا صداقت هجي پر جي آئي ٽي  رپورٽ ته هاڻي انگريزي محاوري واري هاٿي جيان ڪمري اندر موجود آهي.جنهن تحت ئي زرداري جي ڪاروباري ساٿين ۽ سياسي ساٿين جا نالا اي سي ايل  ۾ ڏنا ويا آهن.
ڊان جي ايڊيٽوريل موجب جي آئي ٽي رپورٽ عدالت ۾ ثابت ڪيل ثبوتن جهڙي نه به هجي پر ان زرداري ۽ سندس پارٽي جي اها وارٽي چئلينج ضرور ڪئي آهي جنهن مٿان ڪير آکر به نه کڻي سگهندو هيو.تنهنڪري زرداري ۽ سندس پارٽي کي جي آئي ٽي ۾ لڳايل مخصوص سوالن جا جواب ضرور ڏيڻ گهرجن.
جي آئي ٽي رپورٽ  ملن کان فيڪٽرين،زمينن کان بئنڪن جي قرضن تائين زرداري جي چوڌاري الزامن جي عمارت کڙي ڪري ڇڏي آهي.مثال طور اگر بحريا ٽائون کان زرداري يا سندس خاندان الڳ ڪرڻ ٿو چاهي ته اهي ڪنهن ٽين ڌر کان انڪوئاري ڪرائي سگهن ٿا.اهو زرداري جو حق آهي ته هو انهن الزامن کي عدالتن ۾ چئلينج ڪري
ڊان ايڊيٽوريل مطابق پر  عوام جي سامهون ۽ عوامي عدالت ۾ زرداري کي انهن الزامن مان آجو ٿيڻ لئه گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوندو.صرف اهو چوڻ سان ڪم نه هلندو ته اها منهنجي سياست خلاف سازش آهي.
جمهوري پسمنظر ۾ ڏسجي ته اگر مالي معاملن جا درست جواب نه ملندا ته جمهوري ادار ڪمزور ٿيندا ڇو ته مالي ڪرپشن ۽ ڪاروبارن جي سنجيده الزامن کي سياسي بيانن سان ڇنڊڻ مان نقصان ٿيندو.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter