سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

رڳو اڄ جي نه پر سڀاڻي به سوچيو


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/30/2018


نصير ميمڻ
زرداري ۽ نواز شريف ڏکين وقتن تي هڪ ٻئي سان ويساه گهاتيون ڪيون ۽ پ پ ته پنهنجي عوام سان به ويساه گهاتيون ڪري پنهنجي پت ايتري قدر وڃائي آهي جو هاڻي ماڻهو هڪ بدتر حڪمرانيءَ کي ايندو ڏسي به هنن جي کلي حمايت ڪرڻ نه ٿا چاهين.
اسان جا حڪمران اقتدار ۾ هوندي عوام سان رشتو ٽوڙي ٻين اوليتن ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا ۽ ڀوڳڻو هر صورت ۾ عوام کي پئي ٿو.
پ پ حڪومت هوندي به سنڌ واسي جمهوريت جي ثمر کان محروم رهيا ۽ هاڻي جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪو مشرفي ماڊل موٽي آيو ته به سنڌي ئي ڀوڳيندا.
هينئر جن کي پ پ حڪومت مان جلد نجات جي تڪڙ آهي انهن وٽ سڀاڻي جي سوالن جو ڪو به جواب ناهي.
مون کي ياد آهي ته ڀٽي جو تختو اونڌو ڪرڻ وقت ضياء جي حمايت ڪندڙ ۽ ڀٽي کي ڦاسي اچڻ تي هنبوڇيون هڻندڙ ڪجهه عرصي کان پوءِ ضياء مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ويٺا هئا پر تيستائين دير ٿي چڪي هئي.
ممڪن آهي ته هن ڀيري به تاريخ پاڻ کي ورجائي. تنهنڪري سڀني سڄڻن کي گذارش آهي ته رڳو اڄ نه پر سڀاڻي کي به ذهن ۾ رکڻ گهرجي

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter