سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

امڪاني وزيراعلي سنڌ لئه درخواستون گهرائجن ٿيون.


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/31/2018

رحمت الله ماڃوٺي

امڪاني طور تي ترت يا ٿوري ساهيء سان خالي ٿيندڙ سي ايم جي جاءِ لاءِ اسان جي پارٽيء جي خواهشمند توڙي اميد سان ايم پي ايز کان درخواستون گهرائجن ٿيون.

درخواست ڏيندڙ لاءِ لازمي آهي ته هو پنهنجي درخواست سان گڏ ٻن ڪروڙ جي زرصمانت ناقابلِ واپسي بنيادن تي روڪ ۽ اڪيلائي ۾ درخواست قبوليندڙ يا رد ڪندڙ مجاز اديء تائين پهچائين.درخواست گذارن جي وضاحت لئه هيٺيان شرط رکيا ويا آهن.


اميدوار کي مجاز اديء جو پرس کڻڻ جو اعزاز هر صورت حاصل ڪرڻو پوندو.

(2) اميدوار کي جي سر ۽ جي ادي چوڻ جي مهارت هجڻ لازمي آهي.

(3) منهن تي مڃائڻ ۽ اعتماد سان ڪوڙ ڳالهائڻ اميدوار لاءِ لازمي آهي.

(4) اميدوار لاءِ لازم هوندو ته هو هرماه  انٽرويو وقت ٻڌايل رقم پابنديء سان مجاز اديء تائين پهچائيندو. ڪوتاهيء جي صورت ۾ مجاز ادي يا مجازي چيئرمين کيس آڱر ڏيکاري سگهي ٿو.

(5) اميدوار جو ننڍو نيٽو هئڻ اميدوار جي چونڊ ۾ مجاز اديء لاءِ مددگار ۽ اميدوار جي اضافي اهليت جو معيار ليکيو ويندو.

(6) اميدوار ڪاميابيءَ کانپوءِ به اها مڳي دماغ مان ڪڍي ڇڏي ته هو پٽيوالو به مقرر ڪري سگهندو. اهڙين سمورين مقررين ۽ فائلن جي چرُ پر جا سمورا اختيار مجاز اديء کي ڏيج ۾ مليل تصور ڪيا وڃن.
.
(7) ڪامياب ٿيندڙ اميدوار جي ڪنهن به اختيار تي هيٺ ڄاڻايل اختياريء کي وڌيڪ اختيار هوندو باقي پيار محبت جي ڳالھ ٻي آهي.

(8) ڪامياب ٿيندڙ اميدوار اها مڳي به ڪڍي ڇڏي ته هو ڪو واقعي سي ايم آهي. پر هو پاڻ کي صحيح ڪرڻ جي مشين يا رٻڙ اسٽيمپ سمجهڻ ۽ ثابت ڪرڻ لاءِ ٻڌل هوندو.
.
نوٽ : (الف) سمورا شرط پورا ڪرڻ باوجود مجاز اديء جي مرضي آهي ته ڪنهن کي قبول يا ڪنهن کي رد ڪري. رد ٿيڻ جي صورت ۾ به سندس فرمانبرداري ء ۾ ڪو به فرق برداشت جوڳو نه هوندو.
.
(ب)  اميد سان ايم پي اي درخواست اڳ مٿي ڄاڻايل زر ضمانت پهچائڻ چاهي ته اهو سندس جمهوري حق سمجهيو ويندو.
.
مجاز اختياري

(سڀن کي آڱوٺو)
پڦيئه جمهوريت
 

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter