01/01/2019
ويب ڊيسڪ
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس بحريا ٽائون جي مالڪ ارب پتي واپاري ملڪ رياض کان معلوم ڪيو آهي ته هر بري ڪم ۾ سندس نالو ڇو ٿو اچي.
گذريل ڏينهن عدالت ۾ شنوائي دوران ملڪ رياض کي روسٽرم تي سڏايو ويو.هن روسٽرم تي اچي چيو منهنجي خلاف ڪا ڳالهه آهي ته ٻڌايو مان سمورا معاملا حل ڪرڻ لاء تيار آهيان.
جنهن تي چيف جسٽس ثاقب نثار کيس مخاطب ٿيندي چيو ته هڪ هزار ارب روپيا اگر جمع ڪرائيندين ته سمورن معاملن ۾ کيس ڪليئر ڪيو ويندو.چيف جسٽس ان ڳالهه تي پاڻ ئي نظرثاني ڪندي چيو توهان پنج سئو ارب ڏيو مان خود عملدرآمد ڪرائيندڙ بئنڇ جو حصو ٿي توهانکي ڪليئر ڪري ڏيندس.
ملڪ رياض جي انڪار تي چيف جسٽس چيو هاڻي نيب ملڪ رياض جا معاملا ڏسندي.