سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

سنڌ کي زرداري کان وڌيڪ نقصان ڪير پهچائي سگهي ٿو ؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/02/2019

نصير ميمڻ

اها لڳ ڀڳ ڏهاڪو سال اڳ جي ڳالهه آهي جڏهن ڪراچي ۾ ڪجهه ڪامريڊ دوستن سان ڪچهري دوران بي بي سي تان ڪشمير ۾ هندستاني فوج جي ڏاڍاين جي خبر نشر ٿي رهي هئي.جڏهن مون غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته هندستان ڪشميرين مٿان ظلم ڪري رهيو آهي ته هڪ ڪامريڊ صفا ڪاوڙجي چيو ته ائين چوڻ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جي حمايت ڪرڻ برابر  آهي.ڪڏهن ڪڏهن سياست ۾ ٻن الڳ حقيقتن کي غير ضروري طور ڳنڍڻ جو نتيجو اهڙي راءِ جي صورت ۾ نڪرندو آهي. اهائي صورتحال اڄڪلهه سنڌ ۾ زرداري خلاف اليڪشن جي نالي تي هڪ چونڊيل صوبائي حڪومت کي هٽائڻ واري معاملي تي پيدا ٿيل آهي.جيڪڏهن اوهان چوندو ته زرداريءَ سان حساب ڪتاب ۽ چونڊيل حڪومت خلاف سازش وارو غير جمهوري عمل ٻه الڳ حقيقتون آهن ته ڪي همراهه اوهان مٿان فتوائن جو ڦهڪو لائي ڏيندا ته اوهان زرداريءَ جي ڪرپشن جا حامي آهيو.
.
سنڌ ۾ حڪومتي تبديلي لاءِ ڳجها توڙي پڌرا هٿ ۽ مهانڊا سرگرم آهن،جڏهن کان جي آءِ ٽي رپورٽ سامهون آئي آهي،سنڌ ۾ تبديليءَ بابت بحث ۾ تيزي آئي اهي،پيپلز پارٽيءَ جي ڏهن سالن جي ڦرلٽ تي ٻڌل حڪمرانيءَ جو نتيجو اهو آهي جو ڪيترائي سياڻا سيبتا ماڻهو هڪ بدتر متبادل جي خوشيءَ باوجود پيپلز پارٽي حڪومت ختم ٿيڻ جي حمايت ۾ آهن.سڄي ڳالهه اها آهي ته پيپلز پارٽي ڏهن سالن دوران سنڌ سان جيڪي ناحق ڪيا آهن ان کانپوءِ سندس حمايت ڪرڻ زهر پيئڻ کان به ڏکيو ڪم آهي،پر سياسي سوچ رکندڙ ذهن پيپلز پارٽيءَ جي هن طرز حڪمراني مان بيزار هجڻ باوجود هن طريقي سان حڪومت جي تبديليءَ بابت به خدشن جو شڪار آهن.

عام سنڌ واسي توڙي سياسي ڌرين کي جيتوڻيڪ زرداري ۽ سندس ساٿين سان ڪابه همدردي ناهي پر کين هٽائڻ جي هڙ ۾ هڪ چونڊيل حڪومت کي سازشي طريقي سان هٽائڻ کي ڪو بهتر متبادل نه ٿو قرار ڏئي سگهجي،اهي سمورا دوست جن کي زرداريءَ مان جان ڇڏائڻ جي خواهش آهي انهن کي رڳو پي ٽي آءِ سرڪار کان هيٺين سوالن جا جواب پڇي پڪ ڪرڻ گهرجي(1)حڪومت رڳو زرداري ۽ ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن خلاف قدم کڻڻ گهري ٿي يا سنڌ مان پ پ حڪومت جو انت آڻي هڪ اتحادي حڪومت ٺاهڻ گهري ٿي؟.

گهٽ ۾ گهٽ پي ٽي آءِ جي فواد چوڌري،عمران اسماعيل،علي زيدي،فيصل واڍي وغيره جي بيانن مان ته اهو ئي نظر اچي ٿو ته سندن خواهش رڳو ڪرپٽ اڳواڻن خلاف قانوني قدم کڄڻ نه پر صوبي جي چونڊيل حڪومت کي هٽائي پنهنجي جڳاڙي اتحاد جي حڪومت قائم ڪرڻ آهي،هن وقت پيپلز پارٽي جي 99 سيٽن جي ڀيٽ ۾ پي ٽي آئي  جون 30 ،ايم ڪيو ايم جون 21 ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جون 14 سيٽون آهن،يعني مخالف ڌر جون سڀ ملائي 65 سيٽون بڻجن ٿيون،وڏي وزير خلاف بي اعتمادي جي رٿ لاءِ گهربل سادي گهڻائي پوري ڪرڻ لاءِ کين 22 سيٽون گهرجن جنهن لاءِ هڪ اعليٰ سطحي سياسي جڳاڙ جي ضرورت آهي،جنهن کي انگريزيءَ ۾ هارس ٽريڊنگ چئبو آهي،اسان کي پ پ حڪومت سان هڪ نه پر هڪ هزار اختلاف آهن پر ٻئي پاسي حقيقت اها به آهي ته سنڌ جي عوام کين ووٽ به ڏنا آهن جنهن جي بنياد تي ان اسان سڀني جي خواهشن جي ابتڙ هڪ چونڊيل حڪومت قائم ڪئي آهي.
.
(2)جيڪڏهن پ پ حڪومت کي ڪنهن آئيني يا غير آئيني طريقي سان هٽايو ويندو ته پوءِ متبادل حڪومتي اتحاد ۾ ڪير شامل ٿيندو؟ ظاهر آهي ته پي ٽي آءِ،ايم ڪيو ايم،جي ڊي اي ۽ پيپلز پارٽيءَ مان ٽوڙيل ميمبرن ملائي ڪا متبادل حڪومت جوڙي سگهجي،ماضيءَ جو تجربو ٻڌائي ٿو ته ايم ڪيو ايم ۽ وڏيرن جو اتحاد پنهنجي اقتداري مفاد خاطر هر طرح جي مفاهمت ڪرڻ لاءِ تيار هوندو،ڪرپشن ته الائجي ڪٿي رنگ ڪندي پر سنڌ جي جيئڻ مرڻ وارن معاملن تي ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي.
.
(3)پي ٽي آءِ سرڪار رڳو سنڌ واسين کي چٽن لفظن ۾ اهو ٻڌائي ته ارڙهين ترميم بابت ان جي ڪهڙي پاليسي هوندي( فيصل واڍي جا بيان اڃا تازا آهن)اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي حصي جو ڇا ٿيندو(فواد چوڌري ۽ وزيراعظم پاڻ صوبن جو حصو 3 سيڪڙو گهٽائڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا)(4)ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ واري معاملي تي ڇا فيصلو ڪيو ويو آهي( ايم ڪيو ايم جو وڏي ۾ وڏو مطالبو اهو رهيو هعي) ۽ ڪالا باغ ڊيم بابت حڪومت جي ڇا پاليسي آهي؟ اهي چار سوال سنڌ جي مستقبل جي حوالي سان ڪرپشن کان به وڌيڪ اهم آهن،انديشو اهو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي جي اتحاد سان ٺهندڙ سنڌ جي انهن بنيادي سوالن تي سنڌ کي زرداريءَ کان به وڌيڪ نقصان پهچائي سگهي ٿي.

انهن اهم سوالن بابت پي ٽي آءِ جي مرڪزي توڙي صوبائي قيادت جيڪي ڳالهيون ڪندي رهي آهي،ان تي سنڌ واسين کي شديد ڳڻتي آهي، پي ٽي آءِ سنڌ جي ساڃاهه وند دوستن ۽ سندن حامين کي پنهنجي سياسي قيادت کان انهن سوالن تي چئن لفظن ۾ جواب وٺڻ گهرجي،سنڌ واسين کي زرداري ۽ سندس حامين جي احتساب تي ڀلا ڪهڙو اعتراض هوندو،پر اسان لاءِ هي چار سوال هر ٻي ڳالهه کان وڌيڪ اهم آهن،اسان کي زرداري ،پيپلز پارٽي،جي ڊي اي توڙي پي ٽي آءِ  نه پر سنڌ جي قومي حقن ۽ مفادن جي ڳڻتي آهي،زرداريءَ کي هٽائيندي سنڌ کي اهڙي کاهيءَ ۾ اڇلڻ قبول ناهي جتان نڪرڻ لاءِ وري هڪ نسل کي هٿوراڙيون ڏيڻيون پون،ڪٿي ائين ته ٿئي ته سنڌ هڪڙي عذاب مان نڪري ڪنهن ٻئي وڏي عذاب جي ور چڙهي وڃي..
 

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter