01/01/2019
ويب ڊيسڪ
سينيٽ ۾ پٺتي پيل علائقن واري فنڪشنل ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر عثمان ڪاڪڙ چيو آهي ته جيتوڻيڪ پارليامينٽ عدليا کان به مٿانهون ادارو آهي پر آفيسر شاهي رڳو ججن جي ڳالهه ٻي ٿي.
هن چيو ته ايتري تائين جو ريٽائرڊ ٿيل جج به پاڻ کي پارليامينٽ اڳيان جوابده نٿا سمجهن، تنهنڪري منهنجي صلاح آهي ته پارليمينٽيرين سياست ڇڏي جج ٿيڻ جي ڪوشش ڪن.هن چيو ته آفيسر شاهي پاران ضلعي عدالتن جا به حڪم مڃيا وڃن ٿا پر حڪومت يا پارليامينٽيرين جا حڪم نظرانداز ڪيا وڃن ٿا.
سينيٽر عثمان ڪاڪڙ اهڙيون ڳالهيون سينيٽ ڪميٽي جي هڪ اجلاس ۾ سومر ڏينهن ڪيون.ان گڌجاڻي ۾ نيشنل هيلٿ واري وزارت پاران بريفنگ ڏني وئي.جتي پي ايم ڊي سي سربراهه نه پهتو هو.
هن چيو ته اسانکي جج ٿيڻ کپندو هو جنهن ذريعي اسانکي اهميت ملي ها.هن چيو ته ان سموري صورتحال جا ذميوار سياستدان پڻ آهن جن پنهنجون ڪمزوريون ڏيکاريون آهن.