سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

منهنجا سمن سائين مان ته تنهنجو گولو غلام


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/01/2019


ضراب حيدر

        سمن سائين!تنهنجي ميلي جي ڪالهه آخري ڌمال پوري ٿي. هيل به تنهنجي ميڙي (ميلي) تي اچي نه سگهيس، ڪي ورهيه ٿيا آهن، تنهنجا اڱڻ ۽ آڳنڌ نه ڏٺا اٿم، آخري ٻه ڀيرا جڏهن تنهنجي اڱڻ تي ڪُسجڻ لاءِ آيو هوس ته عشق جي ڪاتي منهنجي تقدير تي وهي وئي هئي، جنهن عشق کي آسرو سمجهي، سايو ۽ ڇانوءَ ڪيو هئم سو ته مون کي نٽهڻ اُس ۾ رُلائي ويو.
.
سمن سائين! تون مون کي ڏاڍو ياد پيو اچين
...
ياد ته مون کي ماسي ڏيمان ڪولِهڻ به اچي پئي، جيڪا تنهنجون ڳالهيون ۽ ڪرامتون مون کي ٻُڌائيندي هئي. هُن جڏهن توکي روبرو ڏٺو هو ته الهڙ وهيءَ ۾ هئي ۽ مونسان جڏهن ملي هئي ته 80 ورهين جي پوڙهي هئي ۽ مان ڪمسن هوس.
.
سمن سائين! منهنجي ڪمسني به ته تنهنجي پڙ ۽ پوٺن تي الهڙتا کي رَسي. مون تنهنجي ڪنڌيءَ تي جيڪي عقيدتون ماڻيون تِن جي گواهي منهنجي دل کان سواءِ ٻيو ڀلا ڪير ڏئي سگهي ٿو.
منهنجو گهر جيڪو تنهنجي سفيد قُبي کان ٽن فرلانگن جي پَنڌ تي هو، ها! پنگريو سيڊ فارم جنهن جي ڍوريءَ تي مان ’ڪنڊيءَ‘ سان مُنڊا مڇيون ڦاسائيندو هوس ۽ پرئين ڀر واري ڪچي گس تان لاريون ڏسندو رهندو هوس جيڪي ماڻهن سان چڪار ٿي ڌوڌڙ اُڏارينديون تنهنجي پڙ ڏانهن اينديون هيون. واهه جا ساوا سومار رچندا هئا تنهنجي پِڙ ۾، ڀانت ڀانت جا ماڻهو تنهنجي پڙ تي ايندا هئا، قسمين قسمين جا ڪڪڙ تنهنجي پوٺي تي ڪُسندا هئا.
.
مون کي ننڍپڻ جا اُهي ميڙا (ميلا) به ياد آهن، جيڪي تنهنجي آڳنڌ تي لڳندا هئا ، قسمين قسمين جا کيل تماشا، قسمين قسمين جون چوڏيلون ۽ سرڪسون پنهنجون تقديرون ڪمائي وينديون هيون. سَمن سائين تنهنجي اُتر اُلهاوين ڪڙ تي، ڪاڪي دلاور خان  پَٺاڻ جو ڳوٺ منهنجو ٻيو گهر هو، جتي منهنجو ننڍپڻ جو سنگتي ذوالفقار علي پٺاڻ رهندو هو، جنهن کي اسين ڀُٽو ڪوٺيندا هئاسين، ذوالفقار ڪاڪي دلاور خان پٺاڻ جي اٺن پٽن مان آخري پُٽ هو. اسين اڪثر پنهنجي آڳنڌ ۾ اچي رانديون رهندا هئاسين، پر اسان ڪڏهن ڀي تنهنجي پڙ مان ڪو ڪڪَڙ نه چورايو نه ته اڪثر ماڻهو تنهنجي درگاهه جي آڳنڌ مان ڪڪڙ چورائي ڪُهندا هئا. اسان ته بس تنهنجي درگاهه واري مختصر لاهوت لامڪان جهڙي بازار مان ننڍيون رانديڪن واريون لاريون ۽  جيپون وٺي، مٽيءَ جي دڙن تي وڃي ننڍڙا شهر اڏي، رستا ۽ گس ٺاهي اُهي گاڏيون هلائيندا هئاسين، تصور ۽ خيالن ۾ تنهنجا پانڌيئڙا اُنهن لارين ۾ ويهاري تنهنجي پڙ تائين رسائيندا هئاسين.
.
سمن سائين! شهر پنگريو ۾ ننڍي هوندي جڏهن ايندو هوس ته سيٺ محمد خواجي واري پراڻي ڪارخاني کان ڪنڀارڪي پاڙي جون گهٽيون مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪينديون هُيون، جيتوڻيڪ اُن وقت مان ڇهين درجي ۾ هوس پر الائي ڇو پچڻ ۽ رچڻ جي لاشعوري حِس مون کي ڪنڀارڪين آوين ڏانهن ڇڪيندي هئي، اِن ڪري ئي دوست اسماعيل ڪنڀر جيڪو ڳيري جهڙي معصوم ۽ نازڪ دل رکندو هو، سان ڪنڀارڪي پاڙي ويندو هوس. اسماعيل ڪنڀر ته هاڻي ٽنڊي ڄام يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي ۽ جهازن ۾ چڙهي دنيا جهان گهمي پيو، اڳي ته سائيڪل تي چڙهندي ساهه ويندو هوس ۽ ڪلما پڙهندو هو، هاڻي شايد پڪو ٿي ويو آهي.
.
سمن سائين! ڪنڀارڪي پاڙي ۾ جڏهن چيڪي مٽي ۽ سارين جا تُتر ڏسندو هوس ته مون کي ’رنگ هي رنگ بنايا... الله آدمي بڻايا‘ واري رمز سمجهه ۾ ايندي هئي ۽ سارين جا تتر ۽ آوي ڏسي ’بابت برهه دي ڪيهي عجب جيهي‘ سمجهه ۾ ايندو هو. گڏوگڏ مان ڪنڀارڪين وستين ۾ ڳوٺ ٻورڙا واري مائي جنت ڪنڀاري ڳولهيندو هوس جنهن سان تنهنجو لنئو لڳو هو ۽ تون سمن شاهه مان سمن سرڪار ٿي وئين،  ’بات برهه دي ڪيهي‘ واري رنگ ۾ رچي پچي وئين. ميرن جي صاحب محل واري تر ۾ تنهنجو اُهو ڳوٺ جنهن ۾ تو ڪي ساعتون جنت جي جنت جهڙي صحبت ۾ گهاريون تن توکي مست الست ۽ پوءِ ابدال بڻائي ڇڏيو. جنهن جا جيئري ئي ميڙا (ميلا) لڳڻ لڳا. مون روايتن مان ۽ ماسي ڏيمان کان ٻڌو هو ته تنهنجي ڪرامتن کان ته هڪ انگريز ڪليڪٽر به ڏاڍو متاثر هو، تنهنجي فقيرن کي چار بلاڪ زمين جا ميڙن (ميلن) لاءِ الاٽ ڪري ڏني هيائين.
.
تون ئي سنڌ جو اُهو واحد مجذوب ۽ ابدال هئين جنهن جا جيئري ئي ميلا لڳندا هئا. مائي جنت جي هٿرادو وڇوڙي کانپوءِ تو جيڪو شاهه ڪبير وارو قبرستان وڃي وسايو هو ۽ اُتي ئي آستان بنائي ويهي رهيو هئين ۽ توکي جيڪا امانت مها بزرگ سائين ڪبير شاهه کان ملي هئي اُن جا رنگ ته اڄ سوڌو پيا ڳائجن.
...
سمن سائين! مان به تنهنجي پيارن گلاب راءِ ۽ لالو ڪهيريءَ جو تسلسل آهيان، منهنجي پيڙهي جيتوڻيڪ توکان گهڻو پوءِ جي آهي پر پوءِ به مون مائي ڀاڳي جي آواز واري تسلسل ۾ تنهنجي در جون ’دِليون دل سان ۽ مٽيون مَن سان‘ ڀريون آهن. مون ته خيالن ۽ تصورن ۾ به مائي سليمت جا چرن ڇُهيا آهن جيڪا توکي شاهه عبداللطيف جا بيت ٻُڌائيندي هئي ۽ رمز ۾ اچي نور جو نعرو هڻندو هئين.
سمن سائين 1930ع جي اُها ڪيڏي نه سرهي شام هئي جڏهن تون ڪاري واهه جي ڪڙ تي پنهنجي ئي ميڙي جي آخري ڌمال هڻي وڃي معبود حقيقي سان مليو هئين، تنهنجو مڙهه گلاب راءِ کڻائي اچي هاڻوڪي پوٺي تي چند وڻن جي ڇانوَ ۾ لَٽيو هو ۽ ننڍڙو سفيد گنبذ اڏرايو هيائين. مون ننڍپڻ ۾ تنهنجو اُهو سفيد گنبذ ڏٺو هو جيڪو ڪجهه ٻٻرن ۽ ٻيرين جي آغوش ۾ نعره ِ مستانه بڻيل هوندو هو. سرائيڪي ۾ ’ۡڪُڪڙ چا آوين‘ چوڻ وارا ۽ مُرادون پُڄائڻ وارا منهنجا سمن سائين مان به تنهنجي پِڙ مان ڪي زمانه اڳي ”ڪارا ناسي ڪنگن“ جي روپ ۾ پنهنجي مُراد پِني ۽ پوري ڪري ويو هوس...
اِهوئي ڪارڻ آهي جو اڃا سوڌو زماني واد ٿي نه سگهيو آهيان پر...
اي سمن! سُڌير بر پوٺي جا پير......
هي ننڍڙو جيتامڙو جيڪو تنهنجي آڳنڌ ۾ رَهي ڪُڏي هاڻي سگهارو ۽ وڏو ٿي ويو آهي، تنهن کي دنيا ۽ زماني جي زهر کان بچاءِجان جو زمانو ڏاڍو خراب آهي، پنهنجي رنگ ۾ رنڱڻ جا وڏا جتن پيو ڪري...
ڪي ورهيه ٿيا آهن، تنهنجا ميڙا نه ڏٺا اٿم، تنهنجا پڙ نه پَسيا اٿم. زمانو ڏاڍو خراب آهي سمن سائين، مون کي زماني جي زور ۽ وهڪ کان بچاءِ، جنهن مون کي ساڙڻ، مارڻ ۽ وڃائڻ جي ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي.....

(سمن سرڪار جي ميلي جو ٻڌي ۽ نه وڃي سگهڻ تي هڪ احساس)

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter