سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ڪي ايل ايف ۾ اختلاف امينا پاران ادب فيسٽيول ڪرائڻ جو اعلان


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/03/2019


لاهوتي
جيئن سنڌي اديبن ۾ اختلافن رهيا آهن تيئن ئي هاڻي ادبي ميلا ڪرائيندڙن ۾ به اختلاف چوٽ چڙهيل آهن.
ڪراچي لٽريچر فيسٽيول يا ڪي ايل ايف  آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جو هڪ ڪامياب ادبي ميلو رهيو آهي جنهن کان هاڻي سندس بنيادي ٽيم يعني امينا سيد ۽ آصف فرخي الڳ ٿي ويا آهن.

ٻنهي اعلان ڪيو آهي ته هاڻي هو هڪ فارما ڪمپني سان گڏجي پاڪستان ادب فيسٽيول جي نالي سان ادبي مليو ملهائيندا. پهريون ادب فيسٽيول فيبروري جي پهرين ٻي ۽ ٽين تاريخ سنڌ جي گورنر هائوس ڪراچي ۾ ٿي رهيو آهي.

واضع رهي ته ڪراچي لٽريچر فيسٽيول يا آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جو ڪي ايل ايف 2019 مارچ جي پهرين ، ٻين ۽ ٽين تاريخ بيچ لگزري هوٽل ڪراچي ۾ اعلان ٿيل آهي.

لاهوتي کي مليل خبرن موجب امينا سيد ۽ آصف فرخي مٿان عدالتن ۾ ڪيس هلي رهيا آهن جنهنڪري هو پاڪستان لٽريچر فيسٽيول يا ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جو نالو استعمال نٿا ڪري سگهن.
ڏسجي ته امينا سيد ۽ آصف فرخي جو هي نئون ادبي ميلو ڪيترو ڪامياب وڃي ٿو.
 

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter