سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ڀارت ۾ عورتن پاران 620 ڪلوميٽر انساني زنجير


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/02/2019


ويب ڊيسڪ
ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ عورتن پاران وڏي ۾ وڏي انساني زنجير ٺاهي وئي آهي.اها انساني زنجير ان مندر انتظاميا جي صنفي تفريق خلا ف جوڙي وئي جتي عورتن جي داخلا تي پابندي لڳل آهي.
سبريميلا مندر ۾  تاريخي طور بالغ عورتن جي داخلا تي پابندي پيل  آهي. مندر انتظاميا انکي عورتن جي ماهواري عمر قرار ڏئي ٿي جنهن تحت 10 کان 50 سالن تائين جي عمر وارين عورتن مٿان مندر جي حدن ۾ داخل ٿيڻ تي  پابندي پيل آهي.
مندر ۾ بالغ عورتن جي داخلا تان پابندي توڻي جو ڀارتي سپريم ڪورٽ هٽائي ڇڏي آهي پر ان جو باوجود مندر انتظاميا عورتن کي مندر ۾ داخل ٿيڻ نٿي ڏئي.حڪمران هندو انتهاپسند جماعت بي جي پي عدالت جي ان حڪم کي هندو ريتن رسمن مٿان وار قرار ڏنو آهي.هندو انتهاپسندن جو چوڻ آهي ته مندر جو ڀڳوان ڇڙو هو ۽ سندس حڪم آهي ته بالغ عورتون سندس مندر کان پري رهن.
مقامي انتظاميا دعوي ڪئي آهي ته ان انساني زنجير ۾ پنجاهه لک عورتن شرڪت ڪئي ۽ ڪيرالا جي سمورن روڊن رستن تي اها زنجير ٺاهي وئي.ڪيرالا جي ڪميونسٽ  اتحادي حڪومت ان انساني زنجير ۾ شرڪت لئه سرڪاري ملازمن کي موڪل ڏني،اسڪولن جي اڌ ٽائيم رکيو ۽ امتحان پڻ ملتوي ڪيا ته جيئن مندر انتظاميا خلاف احتجاج ۾ وڌ ۾ وڌ ماڻهون شريڪ ٿي سگهن.
سبريميلا مندر ۾ عورتن جي اچڻ تي پابندي واري حڪم کي ڪجهه عورتن ٽوڙڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي.گذريل آڪٽوبر ۾ ٻن عورتن هڪ سئو پوليس اهلڪارن جي حفاظت ۾ ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر مندر جي انتهاپسندن کين پٿر هڻي واپس موڪلي ڇڏيو.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter