سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ڊاڪٽر رٿ فائو جي قبر ڊجيٽل ڪيئن ٿي ؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/04/2019


ويب ڊيسڪ
پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي مريضن لئه مسيحائي ڪردار ادا ڪندڙ جرمن ڄائي ڊاڪٽر رٿ فائو جي قبر کي بار ڪوڊ لڳائي ڊجيٽل ڪيو ويو آهي.پاڪستان ۾ ڪنهن قبر کي ڊجيٽل ڪرڻ جو اهو پهريون تجربو آهي.
ڪراچي جي گورا قبرستان ۾ ڊاڪٽر رٿ فائو جي قبر کي اهڙو بار ڪوڊ لڳايو ويو آهي جيڪو موبائيل فون ذريعي اسڪين ٿي سگهندو.ان اسڪيننگ ذريعي توهان ان تعارفي مواد تائين پهچي ويندا جيڪو  قبر ۾ دفن شخص جي بايو گرافي بابت هوندو.
ڊاڪٽر رٿ فائو اهڙي جرمن ڊاڪٽر هئي جيڪا عيسائي مشنري سان ڪم ڪندي جواني ۾ جڏهن ڪراچي آئي ته ڪوڙهه جي مريضن جي رحم جوڳي حالت ڏسي انهن جي علاج خاطر پاڪستان ۾ ئي ترسي پئي.
سندس زندگي ڀر جي خدمتن عيوض هاڻي ڪوڙهه جي مريضن جو علاج سندس اداري ۾ مفت ٿئي ٿو.سندس خدمتن عيوض کيس نشان امتياز،قائداعظم ايوارڊ ۽ هلال پاڪستان ايوارڊ ڏنا ويا.جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ سندس ياد ۾ اپريل 2018 ۾ پنجاهه روپين جو سڪو جاري ڪيو.سندس نالي پٺيان سنڌ سرڪار ڪراچي جي سول اسپتال جو نالو تبدلي ڪري رٿ فائو اسپتال رکيو.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter