01/02/2019
ويب ڊيسڪ
تبليغي عالم مولانا طارق جميل جي طبيعت انجيوگرافي بعد بهتر ٿي رهي آهي.کيس لاهور جي هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو.
خانداني ذريعن موجب هن انجيوگرافي بعد اسپتال ۾ ئي نماز ادا ڪئي جنهن جي امامت سندس پت مولانا يوسف جميل ڪئي.
مولانا طارق جميل کي گذريل ڏينهن دل جي تڪليف ٿي پئي هئي جنهن سبب کيس لاهور جي هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو.
مولانا جي خانداني ذريعن موجب هو ڪئناڊا ويل هو جتان ويهن ڪلاڪن جي واپسي واري سفر سبب کيس ٿڪاوٽ محسوس ٿي ۽ بعد ۾ کيس دل جو دور پيو.