سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ڪاش بلاول اسانکي به ٿئنڪ يو چوڻ جو موقعو ڏئي ها


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/03/2019


تنوير آريجو
شهيد محترما  بينظير ڀٽو جي يارهين  ورسي جي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري جيڪا تقرير ڪئي ان جي تعريف هر هنڌ ٿي رهي آهي.هن پنهنجي تقرير ۾ اسلام آباد جي اصل حڪمرانن کي ايترو ته اچي تنقيد جو نشانو بڻايو جو هن چيو ته اسلام آباد مان ايس پي طاهر داوڙ جا قاتل ته هنن کان نٿا لڀن پر منهنجي ناشتي جو بل هنن کي ملي ٿو وڃي.
سندس تقرير تمام گهڻ طرفي هئي جنهن ۾ اسٽيبلشمينٽ سان جنگ جو اعلان ڪندي هن پنهنجي ماء بينظير لئه چيو ته وه باغي ٿي مين باغي هون.ان جنگ جي اعلان جهڙي تقرير ۾ بلاول ڀٽو پشتون تحفظ موومنٽ جي نوجوانن کي به ياد ڪيو جيڪي پشتون اسان وانگر پنهنجي لاپته پيارن جي بازيابي لئه احتجاج ڪري رهيا آهن.
بلاول پنهنجي تقرير ۾ ڪوئٽيا جي روڊن تي ويٺل انهن بلوچ ڀينرن ۽ مائرن کي به ياد ڪيو جيڪي پنهنجي پيارن جي بازيابي لئه بک هڙتا تي ويٺل آهن. انهن بلوچ عورتن سندس شڪريو به ادا ڪيو پر مان حيران آهيان ته بلاول ڀٽو زرداري کان سندس ئي تڪ جو گم ٿيل ماڻهون ۽ منهنجو بابا خادم حسين آريجو ڪيئن وسري وييو.
مون سندس تقرير کي  ڊسمبر کانپوء به يو ٽيوب تي بار بار ٻڌو آهي ان اميد سان ته متان مونکان اهي جملا هيٺ مٿي ٿي ويا هجن جن ۾ هن سنڌي لاپته ماڻهن جي ڳالهه ڪئي هجي. مون ته بلاول ڀٽو جا ٿورا مڃڻ يا ٿينڪ يو چوڻ جو وڊيو پيغام جاري ڪرڻ جي تياري به ڪئي  پر بار بار تقرير ٻڌڻ سان بار بار اهڙي مايوسي اچي ورايو جيڪا بيان نٿي ڪري سگهجي. ته آخر بلاول يا سندس اڳواڻن جي نظر ۾ بلوچ يا پشتون ماڻهون آهن انهن جا انساني حق آهن پر اسان سندس تڪ جا هوندي به سندس تقرير مان نظرانداز.؟
ڪنهن دوست مونکي چيو ته ٿي سگهي ٿو بلاول کي سنڌي لاپته ماڻهن جي خبر نه هجي پر مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته بلاول ڀٽو زرداري جيڪڏهن پشتون لاپته ماڻهن جي تحريڪ جي تعريف ڪري سگهي ٿو،بلوچ لاپته مانهن جي وارث عورتن جو ذڪر ڪري سگهي ٿو اهو ڪيئن ممڪن آهي ته کيس سنڌي لاپته ماڻهن جي خبر نه هوندي.
بلاول جي پوري تقرير مان سنڌي لاپته ماڻهون ائين مسنگ هئا جيئن حقيقي طور هو سالن کان گم آهن.بلاول  پنهنجي تقرير ۾ پشتونن يا بلوچن جي نظرئي سان اختلاف رکندي به انهن جي مالڪي ڪئي پر هن سنڌي لاپته ماڻهن سان پنهنجي تقرير ۾ اهڙو رويو رکيو جهڙو رويو رياستي ادارا سالن کان سنڌين سان رکندا پيا اچن.
مونکي خوشي ٿئي ها جيڪڏهن بلاول پنهنجي تقرير ۾ سندس ئي تڪ جي  لاپته بڻيل بابا  خادم حسين  آريجو يا سائين هدايت لوهار جو ذڪر ڪري ها.اسان گڏجي کيس ٿينڪ يو چئون ها پر بلاول مونکي مايوس ڪيو.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter