سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

هن ڪولهڻ خودڪشي ڇو ڪئي ؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/03/2019

خالد ڪنڀار

ڪنري ويجهو ميڻا جي ڍاڻي ۾ڀرمي ڪولهڻ ڪنڌ ۾ رسو وجهي . پنهنجي ئي گهر ۾ پنهنجو پاڻ کي ڦاهو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي .سورنهن سالن جي نئين پرڻيل ڀرمي ڪولهڻ پنهنجو پهريون ٻار ڄڻڻ کان اڳ ۾ ئي مري وئي .هن انهي ئي گهر ۾ خودڪشي ڪئي . جنهن گهر ۾ هو ڪجه مهينا اڳ ۾ ڪنوار جي جوڙي ۾ آئي هئي... هن جي اها خبر سوشل ميڊيا تي ايتري وائرل ڪونه ٿي سگهي. سو شايد ڀرمي ڪولهڻ سماج ۾ ڪنهن جي لئه به ايتري اهم نه هئي. هن جي خودڪشي جي درد کي سماج پنهنجي اندر ايتري شدت سان محسوس ڪري ڪونه سگهيو.هڪڙي عام ڪولهڻ خودڪشي ڇو ڪندي آهي..

اها  عام ڪولهڻ  جنهن  جي زندگي جي سڀ کان وڏي خوشي شايد صرف انهي گهڙي ۾ هوندي آهي . جڏهن هڪڙي عام ڪولهڻ ڪانهوڙي تي يا وري ڪنهن شادي تي  هڪ جيڏين سان گڏجي راسوڙي تي ناچ ڪندي آهي. انهي ناچ جي هڪڙي ڦيري ۾ هو پنهنجي پوري زندگي جي وٺندي آهي. ”راسوڙي رموا ميل مورا شامي ، مين راسوڙي رموا زائون“ پر انهي ئي ڪولهڻ کي چوئنري جي ڦيرن کانپوءِ  اهو راسوڙي وارو ڦيرو ۽ ناچ وسري ويندو آهي . پوءِ هن جي زندگي مڪمل تبديل ٿي ويندي آهي. اهڙي تبديل جو وري راسوڙي ۽ ناچ ڏانهن موٽي ناهي سگهندي. اهو ناچ ۽ رسوڙي مان ڦري هڪڙو درد جو استعارو بڻجي ويندي آهي . اها عام ڪولهڻ جنهن جي زندگي پنهنجي پيٽ ۽ پنهنجي ٻچن جي پيٽ کان مٿي ناهي هوندي . هو جيئندي به صرف پنهنجي پيٽ ۽ پنهنجي ٻچن جي پيٽ لئه آهي. هو انهي پيٽ جي پورت لئه پنهنجو پاڻ کي ئي وساري ڇڏيندي آهي راسوڙو ۽ ناچ ته پري رهيا. هو جڏهن پنهنجو پيٽ ڀري ناهي سگهندي تڏهن به گهري ننڊ ڪري وٺندي آهي .ٿي سگهي ٿو هڪڙي عام ڪولهڻ ڪڏهن پيٽ ڀري کاڌو به نه هجي . پر انهي ئي ڪولهڻ جي جڏهن ٻچن جو پيٽ بکيو رهجي ويندو آهي ته هو سمهي ننڊ ناهي ڪري سگهندي. هن جي اکين جا ڳوڙها به سڪي ويندا آهن. هو شايد تڏهن خدڪشي ڪندي آهي . اوهان ڪڏهن ڪنهن عام ڪولهڻ کي لڙڪ هاريندي روئيندي به ڪونه ڏٺو هوندو نه وري ڪڏهن اوهان هن کي زندگي سان ڀرپور ٽهڪ ڏيندي ڏٺو هجي. هن کان لڙڪ ۽ ٽهڪ ٻئي وسري ويندا آهن. هو خوشي ۽ ڏک ٻنهي کان بي خبر ٿي ويندي آهي . هن وٽ سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ لئه سواءِ اڳئين ڏينهن جي اڌ ڪلي اٽي کانسواءِ باقي ڪجهه به ناهي هوندو. ٿي سگهي ٿو هن جي خودڪشي جو سبب اهو اڌ ڪلو اٽو هجي.  ڪاٺين جي ڀري يا گڏه تي جنڊو کڻي سرياند گهرن ۾ ايندڙ انهي ڪولهڻ جي انهي ڪاٺين جي قيمت لڳائڻ به انهي ڪولهڻ جي وس ۾ ناهي هوندي . ڪنڀٽ جي پاڙ کوٽي انهي مان جهيرڻا ٺاهي ڀاڳين عورتن کي ڏيندڙ ڪولهڻ ڪڏهن انهي جهيرڻي جي قيمت به ناهي لڳائي .هن ته انهي  کوئنر جي  قيمت به ناهي لڳائي جيڪو کوئنر هن جي مڙس ڪيترن ئي وڻن تي چڙهي ڪڻي ڪڻي ڪري لاٿو هوندو آهي .ڪڏهن ڪڏهن انهي ڪاٺين جو خريدار پوري شهر ۾ ناهي ملندو جڏهن هو اهو ڪاٺين جو ڀريل جنڊو کڻي گهر ڏانهن مايوس ٿي ورندي آهي هو خودڪشي شايد تڏهن ڪندي آهي .

اها عام ڪولهڻ پنهنجي ٻارن ۽ مڙس لئه ته ماڻهن جي گهرن مان پراڻا ڪپڙا ۽ پراڻي جتي گهري ناهي  وٺندي . پر هن کي انهي ئي ڪاٺين ، ڪنڊي جي پنن ۽ جهيرڻ جي عيوض اهي ملندا آهن . پر انهي ڪولهڻ  پاڻ ڪڏهن به ڪنهن جا پاتل ڪپڙا ناهن پهريا. انهي ڪري جو هن اڃان تائين اهو پڙو ۽ جهٻو پهرڻ ناهي ڇڏيو. هو انهي هڪڙي پڙي ۽ جهٻي ۾ پنهنجي پوري عمر گذاري ويندي آهي. درد جي گهٽي ۾ بيٺل انهي اڪيلي ڪولهڻ پوءِ به ڪڏهن شايد پنيو  ناهي . اها ڪولهڻ شايد  تڏهن به خودڪشي ڪندي آهي . جڏهن هو پنهنجي مڙس جو جسماني ۽ جنسي  تشدد برداشت ڪري ڪري ٿڪجي پوندي آهي . اهو تشدد انهي بي انتها غربت جو ري ايڪشن هوندو آهي.جيڪا غربت هڪڙي ڪولهڻ جي گهر جي ڀاتي هوندي آهي. اها ڪولهڻ شايد خودڪشي تڏهن ڪندي آهي . جڏهن هن جي ڪک جو ٻچو چونري ۾ سخت بخار ۾ تڙپي رهيو هوندو آهي . هو صرف انهي جي نرڙ تي گهڙي جي ٿڌي پاڻي ۾ پسيل پٽيون رکي رکي بخار لاهڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي آهي. پر بخار ناهي لهندو . جڏهن هو انهي کي گگرال جي ڌوپ کنڊ ۽ ٽانڊن سان ڏيندي آهي. جڏهن هن وٽ بخار واري گوري جا پئسا ناهن هوندا . هو شايد خودڪشي تڏهن ڪندي آهي . هڪڙي ڪولهڻ اڪثر ڪري  وقت کان اڳ۾ شادي ڪندي آهي . انهي ڪري هو شايد وقت کان اڳ ۾ جوان ٿي ويندي آهي . وقت کان اڳ۾ ماءِ بڻجي ويندي آهي ۽ وقت کان اڳ ۾ پوڙهي به ٿي ويندي آهي. ۽ وقت کان اڳ ۾ ئي مري ويندي آهي . اوهان ڪڏهن ڪنهن پوڙهي ڪولهڻ جي چهري ۾ گهوري ڏٺو آهي . هن جي چهري تي ڪيترا ئي سر هوندا آهن. انهي خشڪ  ۽ سرن واري چمڙي جي وچ ۾ ٽمڪندڙ اهي ٻه اکيون ئي شايد زندگي جي علامت آهن .


هن ڪولهڻ تڏهن کان ڪاٺيون جهيرڻا ۽ کوئنر وڪڻڻ شروع ڪيا آهن . جڏهن کان هن جي مڙس جي ڪاتر جو ڌڪ هاڻ ڪنهن سهي جي ٽنگن ۾ نٿو لڳي يا ٻاٽيٻڙ جي پوڙي ٽولي تي رائيلي ۾ هن جي ڪاتر نٿي هلي. هن اهو ڪم تڏهن کان شروع ڪيو آهي جڏهن کان هن جي مڙس جي  گليل جو ڳوڙهو اڏندڙ پکين کي نٿو لڳي . هن جي مڙس جڏهن کان ٻوليندڙ تتر ڌارڻ ڇڏي ڏنا آهن . جنهن جي ٻولي تي رڇ هڻي هو تتر  جو پورو ولر  ڦاسائيندو هو .  پوءِ انهي تتر جو هڪڙو هڪڙو داڻو پنج سئو تائين وڪرو ٿيندو هو . هن جي مڙس ته هاڻ مور جا ٻچا جهلڻ ۽ بيضا کڻڻ به ڇڏي ڏنا آهن. جيڪي مور جا بيضا هو آري تي ويٺل ڪڪڙ جي هيٺان رکندو هو . انهن بيضن کي ڪڪڙ ڦوڙيندي هئي ۽ پنهنجي ٻچن سان گڏ هو پالي وڏا ڪندي هئي. پوءِ اهي مور جا ٻچا انهي ڪولهڻ جي اڱڻ تي پيا ٽلندا هئا. انهي وقت اها ڪولهڻ ڊيل ٿي ويندي هئي. پوءِ انهن ئي مور جي ٻچن جي جوڙي هزارن ۾ به وڪرو ٿيندي هئي.پر انهي مور جي ٻچن ۾ انهي ڪولهڻ جو به ساه هوندو هو . اها انهي ٻوليندڙ تتر کي ڪولهڻ پاڻ هٿن سان ڇيڻن واري اڏوهي کارائيندي هئي. انهي جي پڃري ۾ ننڍڙين پيالين ۾ پاڻي به هن لئه پاڻ رکندي هئي. هاڻ انهي ڪولهڻ جو مور جي ٻچن ۽ تترن سان تعلق ٽٽي ويو آهي .

هو خودڪشي شايد انهي ڪري ڪري ٿي .هاڻ جڏهن کان بندوقن سان شڪار شروع ٿيو آهي ته ڪولهي جي پير کڻي تتر ٻولائي شڪار ڪرڻ وارو طريقو ختم ٿيندو رهيو آهي.
انهي عام ڪولهڻ جڏهن کان ڀٽ هيٺ لهي وڏيري جي ٻني تي ٻه ايڪڙ هارپي جا ڪيا آهن. تڏهن کان هن ڪاڙهي ۾ مرچ ۽ ڦٽي چونڊڻ سان گڏ ٻني ۾ گڏ ڪڍندي پنهنجي ٻچي کي انهي ئي ٻني ۾ دوئر جي ٽارن ۾ لوڏ ٻڌي روئندو ڇڏي ڪم ڪيو آهي. هن جي مڙس چاليهي سياري ۾ پٺن اگهاڙي انهي ٻني جي فصل کي پاڻي پياريو آهي . هن پنهنجي ٻني ۾ ائين هر سلي کي ڦٽندي ڏٺو ۽ محسوس آهي. جئين هڪڙي ماءِ پنهنجي پيٽ ۾ پلجندڙ ٻچي کي محسوس ڪندي آهي. انهي هڪڙي هڪڙي سلي ۾ هن پنهنجي اکين جا خواب پرويا آهن. پر  اهو فصل صرف ايستائين هن جو هوندو آهي جيستائين اهو ٻني ۾ بيٺل هوندو آهي . پر اهو فصل پچي راس ٿي چونڊجي کري ۾ ايندو آهي . کري ۾ اچڻ کانپوءِ اهو جڏهن ٻورين ۾ ڀرجي ويندو آهي . اتان کان انهي ڪولهڻ جو حق ٻورين ۾ ڀرجڻ کانپوءِ ختم ٿي ويندو آهي. انهي تي انهي کانپوءِ سڄو حق وڏيري جو هوندو آهي. انهي ڪولهڻ جا خواب شايد انهي ٻورين ۾ ڀرجي وڃي مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيندا آهن .

اها ڪولهڻ شايد تڏهن خودڪشي ڪندي آهي . انهي ئي کري جو ليکو ٿيڻ مهل جڏهن منشي گذريل فصل جو ليکو ڪري وري قرض ڪڍندو آهي. انهي ڪولهڻ جو مڙس منهن لاهي واپس مايوس ٿي گهر جي اوٽي تي ڪنڌ هيٺ  ڪري پن جي ٻيڙي ڇڪيندي جڏهن اڳئين فصل لئه سوچيندو آهي يا اڳئين فصل لئه هڪڙي وڏيري کان ٻي وڏيري وٽ جڏهن وڪرو ٿيندو آهي .تڏهن ڪولهڻ پنهنجو پورو گهر هڪڙي ٽريڪٽر ٽرالي ۾ کڻي هڪڙي وڏيري کان ٻي وڏيري جي ٻني تي پنهنجي وطن ۾ بي وطن ٿي پئي رلندي آهي . جنهن جو نه ڪوئي مستقل گهر هوندو آهي ۽ نه وري مستقل ڳوٺ اها ڪولهڻ شايد  خدڪشي تڏهن ڪندي آهي .ڪٿي اها ڪولهڻ ڪٿي سنڌ ته ناهي .
 

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter