سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

وفاقي وزير جي ٽرڙائپ صحافين جو بائيڪاٽ


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/04/2019


ويب ڊيسڪ
پاڻي معاملن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا  پاران سينئر صحافين جي سوالن جا جواب تلخ لهجي ۾ اڍنگي نموني ڏيڻ تان صحافين سندس پريس ڪانفرنس جو بائيڪاٽ ڪيو آهي.
ڊان جي سينئير صحافي  خليق ڪياني جڏهن وفاقي وزير کان مهمند ڊيم پراجيڪٽ وارو 300 بلين روپين جو ٺيڪو ٽن ڪمپنين جي ڪنسورشم کي سنگل بڊ ۾ ڏيڻ تي سوال ڪيو ته وفاقي وزير آپي مان نڪري ويو.مهمند ڊيم جو اهو ٺيڪو وزيراعظم جي صلاحڪار رزاق دائود جي ڪمپني ڊيسڪون ٻن ٻين ڪمپنين سان گڏجي کنيو آهي جنهن ۾ چائنا جون ڪمپنيون ووئٿ هائڊرو ۽ گزوبها شامل آهن.
ڊان جي سينئير رپورٽر جو سوال وواوڊا کي ايترو ته خراب لڳو جو هن اڍنگي نموني کيس مخاطب ٿي چيو ڏسو جيڪي ڪم منهنجي ڄمڻ کان ئي اڳ ٿيا آهن انهن جا جواب ڏيڻ جو مان پابند ناهيان.توهان بزرگ آهيو تڏهن مان توهانجي سوال جو جواب ڏيان ٿو.ڊان مان مونکي اهڙي ئي سوال جي اميد هئي.
صحافين سندس ٽرڙائپ واري جواب تي سندس پريس ڪانفرنس جو بائيڪاٽ ڪيو .وفاقي وزير واوڊا اهڙي نوبت ڏسي ٿڏي تي صحافين کان معافي ورتي ۽ صحافي کان معذرت ڪئي پر صحافين سندس هڪ به نه ٻڌي ۽ پريس ڪانفرنس مان نڪري ويا.
ان ئي پريس ڪانفرنس ۾ وفاقي وزير شهباز شريف جي سربراهي ۾ قائم پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اڳيان شارٽ نوٽيس تي پيش نه ٿيڻ جو اعلان ڪندي چيو مان ڪنهنجي پي جو نوڪر ناهيان جو شارٽ نوٽيس تي پيش ٿيان.سوالن جا جواب ڏيڻ لئه گهٽ ۾ ويهن ڏينهن جو وقت ڏنو ويندو آهي.
هن چيو ته ان ڪميٽي جو سربراهه هڪ ملزم آهي جيڪو جيل مان اچي اجلاس ڪندو ۽ مونکي سومر تي نوٽيس موڪلي چوندو ته مان اڱاري تي جواب ڏيان ته منهنجي وزارت اهڙي ڪميٽي اڳيان پيش نه ٿيندي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter