سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو نئون چيف جسٽس آصف سعيد کوسا ڪير آھي ؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/03/2019

ذوالفقار قادري

پاڪستان جي قانون واري وزارت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي موجوده چيف جسٽس ثاقب نثار جي 17 جنوري تي رٽائرمنٽ جي پيش نظر نئين چيف جسٽس آف پاڪستان لا۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سينيئر ترين جج جسٽس آصف سعيد کوسہ جي نئين چيف جسٽس طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي.
نئون چيف جسٽس آصف سعيد کوسہ 18 جنوري تي پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو ٖ جسٽس آصف سعيد کوسا ڊيره غازي خان جي ڳوٺ جهان خان ۾ سردار فيض خان کوسي جي گهر  پيدا ٿيو ٖ جسٽس آصف سعيد کوسا پنهنجي چئن ڀائرن ۾ سڀ کان ننڍو آھي ٖ سندس سڀ کان وڏو ڀاءٗ سردار طارق کوسا انسپيڪٽر جنرل ( آ۽ جي ) پوليس بلوچستان ۽ ڊائريڪٽر جنرل ايف آ۽ اي رهي چڪو آھي ٖ سندس ٻيو ڀاءٗ سردار عارف کوسا چيف انجنيئر ۽ سندن ٽيون ڀاءٗ سردار ناصر محمود کوسا ڪمشنر ملتان ٖ چيف سيڪريٽري بلوچستان ۽ پنجاب کان علاوه اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو پرنسپل سيڪريٽري ۽ ورلڊ بينڪ ۾ پاڪستان جو نمائندو رهي چڪو آھي ٖ کين هڪ ڀيڻ نرگس کوسا پڻ آھي ٖ.
پنجاب جي اڳوڻي  وڏي وزير ميان شھباز شريف جي پهرين شادي پنهنجي سڳي سؤٽ نصرت سان 1973ع ۾ ٿي ٖ اڳتي هلي ميان شھباز شريف نرگس کوسا سان نڪاح ڪيو پر ميان شھباز شريف اڄ ڏينهن تائين نرگس کوسا سان ٿيل نڪاح کي قبول ڪرڻ لا۽ تيار ناهي ۽ نرگس کوسا اڪيلي رهي ٿي ٖ جسٽس آصف سعيد کوسا هڪ سخت جج جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو سندس فيصلن تي ڪنهن بہ آڱر ناهي کنئي ٻئي طرف نئين چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جو سهرو جسٽس نسيم حسن شاه سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ان بينچ جي انهن ججن ۾ شامل هو جن ججن ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي جي سزا جي توثيق ڪئي هئي اڳتي هلي جسٽس نسيم حسن شاه سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو چيف جسٽس پڻ بڻيو جڏھن صدر غلام اسحاق خان وزيراعظم نواز شريف جي سرڪار کي برطرف ڪيو تہ اهو جسٽس آصف سعيد کوسا جو سهرو چيف جسٽس نسيم حسن شاه ئي هو جنهن جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي لارجر بينچ نواز شريف سرڪار کي بحال ڪيو هو اڳتي هلي وري چيف جسٽس نسيم حسن شاه جي ناٺي جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بينچ وزيراعظم نواز شريف کي پاناما ڪيس ۾ نااهل قرار ڏنو هو ٖ هن وقت جڏھن نواز شريف ۽ شھباز شريف جيلن ۾ آھن تہ نرگس کوسہ جو ڀاءٗ جسٽس آصف سعيد کوسہ پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ٿيڻ وارو آھي ٻئي طرف زرداري صاحب وارن جا معاملا بہ ڪورٽن ۾ آھن ڏسجي تہ ڇا ٿو ٿئي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter