سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ظفر اڄڻ ۽ فهميده رياض سان گهاريل گهڙيون


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/04/2019

اصغر سومرو

نئين سال جي پهرئين ڏينهن يعني اڱاري پهرين جنوري 2019  تي ظفر اڄڻ جي وفات جو ٻڌي ڏک ٿيو ۽ ساڻس گذرايل لمحا ڪنهن فلم جيان  ذهن جي اسڪرين تان گذرندا رهيا.  ظفر صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات ۲۰۰۵ع ۾  تڏهن ٿي جڏهن آئون برٽش ڪائونسل ۾ بطور پروگرام ميئنيجر جي ڪم ڪندو  هئس. ظفر صاحب جي گهر واري ۽ مشهور شاعره فهميده رياض عورتن جي ترقي لاءِ  هڪ اين جي او هلائيندي هئي جنهن کي برٽش ڪائونسل هڪ پروجيڪٽ ڏنو هو. هن پروجيڪٽ کي اسلام آباد مان ريحانه شيخ ڏسندي هئي پر بعد اهو فيصلو ٿيو ته آئون به هن پروجيڪٽ کي  ڏسان ڇاڪاڻ ته ڪراچي مان ويهي مانيٽرنگ ڪرڻ آسان هو. ان بهاني منهنجي پهريان ميڊم فهميده ۽ پوءِ  ظفر صاحب سان دعا سلام ٿي جيڪا بعد ۾ خلوص واري دوستي ۾ بدلجي وئي.
.
ظفر صاحب جو اصل تعلق ڪنڊيارو تعلقي سان  آهي ۽ تمام سٺو پڙهيو لکيو دانشور قسم جو ماڻهون هو. پر هميشه مالي تنگي جو شڪار رهندو هو. هن پنهنجي ڪتاب "رام ۽ راوڻ جي ديس ۾ گهاريل جلاوطني " ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته جنرل ضياءَ جي دور ۾ هي پاڻ ۽ سندس زال فهميده سخت تڪليفن جي منهن ۾ هئا. هنن "آواز" نالي سان رسالو ڪڍيو هو جيڪو ضياءَ سرڪار کان برداشت نه ٿيندو هو. هن رسالي سبب هنن تي ڪافي ڪيس ٿيا پر انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ  هنن وٽ وڪيل کي پيسا ڏيڻ لاءِ  ڪون هوندا هئا پر مرحوم نوردين سرڪي هنن جو ڪيس مفت ۾ وڙهندو هو. ظفر  صاحب ۽ سندس گهرواري برطانيا نڪري وڃڻ پيا چاهن ته جيئن ضياءِ  جي ڏمر کان ٽري وڃن پر هنن وٽ جهاز جي ٽڪيٽ وٺڻ جيترا پيسا به نه هئا. هنن ان وقت شهيد بظير ڀٽو کي مدد لاءِ سندس ايم پي اي اصغر راشدي معرفت نياپو ڪرايو.. محترمه اصغر راشدي کي  چيو ته مير هزار خان بجارڻي کي هنن جي ٽڪيٽ جي  بندوبست لئه چئو. مير هزار  ان وقت پ پ پ سنڌ جو صدر هو. پر هنُ فهميده رياض وارن کي ٽڪيٽ وٺي ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو.
فهميده رياض ۽ ظفر اڄڻ جي جلاوطني رام راوڻ جي ديس يعني انڊيا ۾ هئي تنهنڪري پي پي پي مخالفن مٿن انڊين ايجنٽ هئڻ جو الزام هنيو.اهو الزام ايترو ته ڦهلجي ويو جو ظفر صاحب جي بقول هن ڄام صادق کي ڌمڪي ڏني ته اگر اهو الزام بند نه ٿيو ته هو اهو چوندا ته ان ايجنٽ واري ڪردار ۾ سندن سهولتڪار ڄام صادق پاڻ آهي.اهڙي ڌمڪي بعد ڄام صادق خاموش ٿي ويو...

ظفر صاحب جو گهر  ڪراچي ۾ طارق روڊ تي هوندو هو آئون ڪچهري ڪرڻ لاءِ  ان وٽ ويندو رهندو هئس. ظفر صاحب ۽ ميڊم فهميده اڪثر ڪري پاڻ ۾ جملي بازي ڪندا هئا مان ڪنهن هڪ جي ڌر ٿيڻ بجاءِ  هنن جي پيار ڀرئي جهيڙي مان لطف اندوز ٿيندو هئس. هنن ٻنهي سان گڏجي ڪچهري نه ڪري سگهندو هئس. انڪري  پهريان ميڊم سان ۽ بعد ۾ ظفر صاحب وٽ وڃي وهندوهوس. ميڊم اڪثر ڪري پنهنجي اين جي جي معاملن تي ڳالهائيندي هئي جڏهن ته  ظفر صاحب سياست ۽ دنيا جهان تي راءِ  رکندو هو. هڪ دفعي ظفر اردو ڳالهائندڙ تي ڪو طنزيه جملو چيو جنهن تي  ميڊم فهميده  جوابي ڪاروائي ڪندي کيس ٽوڪيو ته اهي ڏينهن ياد اٿئي جڏهن مونسان شادي جي شوق ۾ پاجاما پائي اسان جي محفلن ايندو هئين.ڇا ته بهترين انسان هئا ، اها منهنجي لئه عزت افزائي هئي جو ٻئي  مونکي پنهنجي پٽن وانگر عزت ڏيندا هئا...

جڏهن آئون هڪ خانگي سنڌي  ٽي وي تي ڪرنٽ افيئرس جو پروگرام ڪندو هئس ته مون ظفر صاحب کي بطور سياسي تجزيا نگار دعوت ڏني  ته هو ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ ريگيولر اچي پر هن چيو ته مونکي لکڻ پڙهڻ کان علاوه ٻيو ڪجه نٿو اچي تنهنڪري پنهنجي اداري کي چئو ته مونکي ان ڪم لاءِ  ڪجه مالي مدد ڪن. اداري ۾  ائين نه ٿي سگهيو. افسوس ته خانگي ٽي وي  ادارن ۾ به ماهرن کي اجرت ڏيڻ جو رواج ڪونه آهي. پوءِ  ظفر صاحب جهڙا ماڻهو پنهنجي گهرن تائين محدود نه ٿيندا ته ڪاڏي ويندا..؟.

ٻه هزار ڇه ۾ اسان ڪارو ڪاري بابت سکر ۾ برٽش ڪائونسل پاران هڪ  ڪانفرس ڪرائي  هئي جنهن ۾ ميڊم فهميده کي به ڪراچي مان وٺي وياسين . ميڊم پروگرام جي ميزباني وارو ڪم سرانجام ڏنو. پر جيئن ئي ميڊم پروگرام جي ڪارروائي هلائڻ شروع ڪئي ته پنڊال جي هڪ ڪنڊ ۾ گوڙ شروع ٿيڻ لڳو. اتي هڪ عورت ڪافي ڪاوڙ واري انداز ۾ چيو ته توهانکي فهميده جو قدر ناهي.
هي تمام وڏي شاعره آهي هن کان ڪمپيرنگ ٿا ڪرايو. سندس اکين ۾ لڙڪ هئا ۽ هن روئڻهارڪي انداز ۾ چيو  فهميده توهانجي مقرر هجڻ گهرجي..
ان ڪانفرنس ۾  اها اعتراض وارڻ واري عورت ڪا ٻي نه بلڪه شاعره  عطيه دائود هئي. بهرحال ميڊم پاڻ ۽ مون وڃي عطيه صاحبه  کي ٿڌو ڪيو. اصل ۾ ميڊم کي ڪانفرنس ۾ اهڙو ڪم پيو گهرجي جنهن مان کيس ڪو مالي سهڪار ٿي سگهي. انڪري هوءَ ڪمپيئرنگ ڪرڻ تي آمده ٿي هئي. هن کان  اڳم ظفر صاحب کي بطور رپورٽر هڪ ٻئي ڪانفرنس ننڍڙو ڪم ڏنو هو... ٻئي زال مڙس تمام پيارا ماڻهو هئا پر هنن  زندگي ۾ ڪافي تڪليفون ڏٺيون . هنن کي  صرف ٻه ٻار هئا هڪ ڌي ويرتا ۽ پٽ ڪبير. سندن نوجوان پٽ ڪبير اڄڻ 7 آڪٽوبر 2008ع ۾ آمريڪا ۾ وفات ڪري ويو. هو سمنڊ ۾ وهنجندي ٻڏي فوت ٿيو هو. جوان اولاد جو ۽ اڪيلي پت جو ائين اوچتو هليو وڃڻ ٻنهي لئه سانحي کان گهٽ نه هو.اڪيلي پٽ جي اوچتو وفات کان پوءِ  ظفر اڄڻ توڙي ميڊم فهميده رياض  صفا جهري پيا هئا. مونکي ياد آهي ته آئون جڏهن هنن سان تعزيت ڪرڻو ويو هئس ته ميڊم جي اکين ۾ صرف لڙڪ هئا ۽ ظفر صاحب پنهنجا ڳوڙها اندر ئي اندر ۾ ڳاڙي رهيو هو. اڄ ظفر صاحب ۽ ميڊم فهميده ٻئي وڃي  پنهنجي پٽ ڪبير سان ملاقاتي  ٿيا آهين ۽ ادي ويرتا کي هن بي حس  دنيا سان اڪيلي سر منهن ڏيڻ لاءِ ڇڏي ويا آهن....ڪهڙا نه خوبصورت ماڻهون تڪڙو دنيا کي الوداع ڪري وڃن ٿا.......
 

 

© Copyright: 2019. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter