سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ساره تاثير پي پي مخالف يا سنڌين سان ساڙ ؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/04/2019


لاهوتي
اسان لاهوتين کي اها ڳالهه سمجهه ۾نه ايندي آهي ته پياري پاڪستان ۾ لاهورين جي سڀني سان کل کل پر گل فقير يعني سنڌين  سان الائي ڇو ٽانڊو هوندو اٿن.اها ڳالهه مونکي تازو تڏهن ياد آئي جڏهن پنجاب جي اڳوڻي گورنر جي ڌي سارا تاثير هڪ جاهلاڻو ٽوئيٽ ڪيو.کيس ٽوئيٽر تي سرگرم سنڌين ڪافي سمجهايو پر مائي پنهنجي هوڏ تي قائم رهي ۽ ٽوئيٽ ڊليٽ به نه ڪيائين.
سارا تاثير سنگاپور ۾ سون جو ڪاروبار ڪندي آهي سندس والد سلمان تاثير کي پنجاب جو گورنر هوندي جڏهن قتل ڪيو ويو هو  ته سنڌ مان پهريان  آواز آيا هئا  ته کيس شهيد ڪيو ويو آهي.سندس جنازي نماز پنجاب ۾ ڪو پڙهائڻ وارو نه هو نه ئي سندس لئه ڪي ميڻ بتيون ٻارڻ وارا هئا.پر سنڌين ويل نه وڃائي ۽ اڳتي اچي هر هنڌ گڏ ٿي ميڻ بتيون ٻاري کيس خراج پيش ڪيو.
سارا تاثير جي ڪاوڙ ڀلي ته پي پي پي قيادت مٿان هجي پر هن جيڪو ٽوئيٽ ڪيو سو ائين هو  ته سنڌ...تم ڪتني ڊاڪو پڪڙوگي.. هر گهر سي چور نڪلي گا.....هيش ٽيگ پي پي پي.
سارا تاثير جي ان ٽوئيٽ جي جواب ۾ پيپلزپارٽي جي ڪنهن به وڏي اڳواڻ ته ردعمل نه ڏنو پر کيس ڪافي سنڌي نوجوانن اهو جواب ڏنو ته تون اگر سلمان تاثير جي ڌيءُ نه هجين ها ته توکي ڏينهن جا تارا ڏيکاريون ها.ڪجهه نوجوانن ته کيس دو نمبري تاثير لکي ڇڏيو.
هڪ نوجوان کيس ٻڌايو ته پي پي دشمني ۾  هر سنڌي کي ڌاڙيل چوڻ شرمناڪ عمل آهي.پر مائي مڙي ڇا..نيٺ پراڻو ڪامريڊ ڪاڪو اسلم خواجه ميدان تي لٿو ۽ ٽوئيٽ ۾ ڌڪ ئي هڪ هنيائينس ته توهان ائين ڪريو جو اسان سنڌين مٿان ائٽم بم ڇو نٿا ڪيرايو. سڀني چورن ڌاڙيلن مان توهانجي جان ڇٽي پوندي.مونکي توهانجي ٽوئيٽ تي ڪا حيرت ناهي ٿي سارا ڇو ته توهان جي پراڻي نسل وارن پنجابين بنگالين سان به ائين ئي ڪيو هو..
هاڻي اسلم خواجه جي جواب کانپوءِ لاهوتي سارا تاثير لئه ڇا چوي بس ايتروئي چوڻو هو ته پي پي پي دشمني ۾ سنڌ سان يا سڀني سنڌين سان نفرت نه ڪريو.وڏيري ۽ عام سنڌي ۾ وڏو فرق آهي..

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter