سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

افغان شهرين لئه پاڪستان پهچڻ شرط ويزا واري سهولت ختم


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/05/2019

ويب ڊيسڪ
ملڪ ۾  دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن کانپوء پاڪستاني عملدارن افغان شهرين لئه پهچڻ شرط ويزا يا آن ارائيول ويزا واري سهولت ختم ڪري ڇڏي آهي.ايف آئي اي جي اميگريشن ونگ چيو آحي ته افغان بارڊر تان سيڪيورٽي خدشا وڌي ويا آهن.
ذريعن موجب افغان شهرين جي پاڪستاني شهرن ۾ چرپر پڻ محدود ڪئي وئي آهي ۽ افغانستان مان ايندڙ ماڻهن کي ائرپورٽ تي يا بارڊر پوائنٽس تي پهچڻ شرط ملندڙ ويزا وارو نظام ختم ڪيو ويو آهي.
ايف آئي جي ڊائريڪٽر اميگريشن عصمت الله جوڻيجو ايڪپريس نيوز کي ٻڌيو آهي ته  اڳم افغان شهرين کي پاڪستاني بارڊر تي پهچڻ شرط 30 ڏينهن جي ويزا ڏني ويندي هئي پر هاڻي اهو سستم ختم ڪيو ويو آهي.کين پنهنجي شهرن مان پاڪستاني قونصل خانن يا ڪابل سفارتخاني مان ويزا باقاعده ويزا لئه اپلاء ڪرڻو پوندو.
ايف آئي اي ڊائريڪٽر اميگريشن جوڻيجي ٻڌايو ته پاڪستان پهچڻ شرط  افغان شهرين کي ٻين پرڏيهين جيان فارم سي ڏنو ويندو ته  جيئن اهي ملڪ ۾ رهڻ جو مدو ۽ جڳهه ٻڌائين جيڪا معلومات بعد ۾  ويريفڪيشن لئه سيڪيورٽي ادارن حوالي ڪئي ويندي.
حڪومت جي ان فيصلي کان اڳ افغان شهرين کي بارڊر تي پهچڻ شرط ڇهن مهينن جي ويزا جي سهولت مليلي هئي جيڪا هنن ڏهاڪن تائين استعمال ڪئي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter