سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ڀوتارن معرفت گڊ گورننس


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/04/2019


ياسين جوڻيجو

جنهن ڏهاڙي ضياءُ الحق جي جهار جا ڌاڻا مبينه طور تي انبن جي پيتين سان ڪڍيا ويا، ان کان ڪجهه مهينا پوءِ ٿيل عام چونڊن جي نتيجن ۽ جهاز حادثي کان ڪجهه مهينا اڳ سويلين ماڻهن جي حڪومت هٽائڻ تي خدا جي خلق ڪهڙو رد عمل ڏنو هيو، مونکي ان جو واضح طور تي اندازو ناهي.
انهن وقتن ۾ مان جيئن ته هاءِ اسڪول جو شاگرد هئس ۽ عام طور تي ”ناٽڪ رنگ“ يا ”مائيڪل جي ڪار“ وارو ڊرامو ڏسندو هئس ان ڪري خرچيءَ طور ملندڙ اٺن آنن کي ملڪ جي هاڻوڪن روپين سان ڀيٽي انهن جي اهميت کي ته بيان ڪري سگهان ٿو پر تنهن دور جون خبرون ٿڌيون هجڻ ۽ ننڍي وهيءَ واري عقل سبب شايد جهاز ڦاٽڻ، ”ذات ڀائيءَ“ جي حڪومت ختم ٿيڻ ۽ بي بيءَ جي حڪومت ۾ اچي وڃڻ جي حمايت ۽ مخالفت وارن تبصرن تي گهڻو ڌيان نه هيو.

روزاني کپت جي ڪيترين شين جا اگهه اڄ به پراڻي فارمولي تحت پيسا ۽ آنا لڳائي مقرر ڪري، اسان سادي عوام کان هر سال اربين روپيا لٽيا وڃن ٿا، پر پيپلي توڙي ليگلي حڪومت ته ٺهيو نئين پاڪستان کي قائم ڪري وٺندڙ حڪومت کان به ڪير نه ٿو پڇي ته جڏهن هاڻوڪي دور جا ٻار ئي اٺ آنا خرچي نه ٿا وٺن ته پوءِ پيسن ۽ آنن تي اگهه ٻڌي، ڀريل سيٺين جا گهر وڌيڪ ڀرڻ واري عمل کي ڇو ختم نه ٿو ڪيو وڃي؟ ان سوال جو تسلي بخش جواب ڪٿان به ملڻو ئي ناهي ڇو ته ووٽ ڏيندڙ خلق ليگلائپ، پيپلائپ ۽ تبديلائپ عرف فرشتائپ ۾ ورهايل آهي ان ڪري ليگلا پيپلن تي، پيپلا ليگلن تي ۽ فرشتا پيپلن ۽ ليگلن کي گڏيل ذميوار قرار ڏئي ڳالهه جو ڳالهوڙو ٺاهي ڇڏين ٿا ۽ جواب ”ڳُڙ دي لسي“ ٿي وڃي ٿو.

پيٽرول جي في لٽر قيمت کان وٺي شينهن ڇاپ گوريءَ تائين جي قيمت ۾ روپين سان گڏ پيسن جي اجائي انٽري ڪرڻ کان هٽي ڪري گڊ گورننس، ترقياتي رٿائن، احتساب ۽ هاڻي فارورڊ بلاڪ ٺهڻ جهڙن معاملن تي عام ماڻهو ڳالهين جا جيڪي ڳوٺ ٻڌن ٿا اهي بغض جي بوءِ ۾ ئي ورتل هجن ٿا. اهو بغض به سياسي نفرتن جي مانڌاڻيءَ مان ولوڙجي نڪتل لڳي ٿو. هاڻي جيئن ته مان ڪجهه ڪجهه هونش واري زندگي گذاري رهيو آهيان، سو اسڪولي عمر جي ڀيٽ ۾ اهي ڳالهيون سمجهه ۾ اچن ٿيون ته گهڻين ويهين سئو آهي ۽ ماڻهو ته اڄ به صفا مٽر لڳا پيا آهن. ”تبديلي“ صرف اها آئي آهي ته هاڻوڪي زماني جا ماڻهو ”ناٽڪ رنگ“ ۽ ”انڌيرا اُجالا يا جانگلوس“ ٽائيپ ڊرامن بجاءِ نيلا، پيلا، رنگيلا ٽاڪ شوز ڏسن ٿا يا وري ڪنهن حد تائين صحافتي اصولن کي آڏو رکندي ترتيب ڏنل ”سيربين“  ٻڌڻ بجاءِ ڳاڙهي رنگ سان لال ٿيل دٻن واريون ”بريڪنگ نيوز“ ڏسن ٿا. جڏهن ته ٻار ڏهين روپئي جي نوٽ کان گهٽ خرچي وٺڻ کي پنهنجي شان جي خلاف تصور ڪن ٿا.

ڀلا ڊراما لکيا عبدالقادر جوڻيجي يا نور الهديٰ شاهه (ٻين به لکيا پر هتي ڳالهه سنڌ ڄاون جي ڪجي ٿي) سو پاڪستاني ڊرامي جي زوال تي ڳوڙها ڳاڙن ته وڃي اهي ٻئي ڳاڙين، پر هن نفرت جي دور ۾ جيئن ته گهڻن ڪاٺ مان گهڙيل دانشورن کي مٿن ڪاوڙ آهي ته انهن ٻنهي ڊراما به اسٽيبلشمينٽ کي خوش ڪرڻ ۽ سنڌي ماڻهن کي گهٽ ڪري پيش ڪرڻ لاءِ لکيا ان ڪري سندن ذڪر گول ڪندي ڀلا اهو چئي سگهجي ٿو ته ڊرامن جي برباديءَ تي نورمحمد لاشاري، فريد نواز بلوچ، روشن عطا، شفيع محمد شاهه ۽ سندن همنوا ڳوڙها ڳاڙين. پر اهي به انهيءَ خفي کان بچي پوندا جو وڃي پهتا آهن رب کي. ٻئي جهان ۾ ويهي ڳوڙها ڳاڙين ته سندن مرضي.

مونکي بس چوڻو صرف ايترو آهي ته پاڪستاني ڊرامي جا تَرا نڪرڻ سبب ئي شايد ڳاڙهن دٻن واريون بريڪنگ نيوز ڏسڻ جو رواج زور تي هليو ويو آهي. ان رواج وسيلي ئي ملڪ ۾ محض ڪرپشن جون ڪهاڻيون ئي ٻڌڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون. پر هي جو شوشل ميڊيا، خاص ڪري فيس بوڪ تي اڀرن توڙي سڀرن هڪٻئي کي عيبدار هجڻ جا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ واري راند تي زور ڏنو آهي، انهيءَ راند مان ئي سنڌ جي متبادل قيادت چونڊي لڌي ويندي ڇا؟؟؟ ٽي ويءَ جي خبرن مٿان ته لڳي ٿو ڪو نادري حڪم آهي جيڪو سياستدانن لاءِ نفرت کي منظم طريقي سان هٿي پيو وٺرائي، پر ڪنهن جي ڀليءَ نوڪريءَ، ڪنهن جي چمڪندڙ ڪپڙن ۽ گاڏيءَ ته ڪنهن جي رنگين ياري باشيءَ يا ڪنهن به ٻئي ننڍڙي سبب جي ڪري نفرت ۾ وڪوڙجي ويندڙ خود ڪيترن موقعن تي اڃان به چوندا رهن ٿا ته ”سنڌ واسين کي پنهنجي پرڳڻي جي خوشحاليءَ لاءِ گڏجي وک وڌائڻي پوندي“ ته اهو ريڪٽ سمجهه ۾ نه ٿو اچي!

نئين سال جي آجيان لاءِ ٿيل هڪ ميڙ ۾ موجود هجڻ جي ڪري مختلف پارٽين، ذاتين، شهرن ۽ حيثيتن سان تعلق رکندڙن کي پاڻ پنهنجي ڪنن سان اسٽيج تائين بيهي اهي تقريرون ڪندي ٻڌم ته ”سنڌي ڳالهائيندڙن جو ڌڻي سائين ناهي سو هر سنڌي ڳالهائيندڙ کي ويڇا وساري پنهنجي ماڻهن جا اهنج ختم ڪرڻ لاءِ محنت ۽ جدوجهد ڪرڻي پوندي“.

اهي تقريرون ٻڌي مونکي ڏاڍا خمار چڙهيا. جيڪي ٻئي ڏهاڙي، نئين سال جي پهرئين ڏينهن اڀريل سج جي ڪرڻن ۾ ويهي انجواءِ ڪندو رهيس ته اوچتو ياد آيو ته رات کان وٺي فيس بوڪ ته کولي ئي نه ڏٺو اٿم. فيس بوڪ ڇا کوليم، ڄڻ ڪنهن نفرتن جي قدآور ”ٻَٻُر“ ۾ ڦاسي پيس، جتي اهو به اتفاق ڏسڻ ۾ نه آيو ته نئين سال جون واڌايون ڏجن يا نه!!  مطلب ته شوشل ميڊيا تي ذاتي راءِ جي حق کي جنهن آزاديءَ سان استعمال ڪيو پئي ويو، ان کي ٻه گهڙيون ڏسڻ کانپوءِ مون جيڪو ٻڌيءَ جي ڳالهين ٻڌڻ کانپوءِ خمار ماڻيو پئي اهو الائي ته ڪيڏانهن اڏامي ويو. آخري اطلاعن تائين خوشحاليءَ خاطر نفرت ورهائيندڙ خلق پيپلن ۽ سندن حڪومت کي فيس بوڪ تي گاريون ڏئي صوبي ۾ ”رهجي ويل ڀوتارن معرفت“ گڊ گورننس آڻڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هئي.     
 

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter