سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

اشرف المخلوقات شميم مري جي ڪهاڻي


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/05/2019

ستن سالن جي گلڙن جھڙي ننڍڙي روزينه جو لاش گھر اڱڻ تي پينگھي منجھ رکيل ھو ۽ پاڙي جو ھر گھر, ننڍو توڻي وڏو , عورت توڻي مرد ھر اک آلي ھئي. سڀ کان وڌ ته سندس ماء زينل بي حال ھئي.صبح کان ھيستائين الاء ڪيترا دفعا بي ھوش ٿي چڪي ھئي. جڏھن به ھوش ۾ آئي پئي ته بس ھڪ ئي لات ھيس.
" او امان, او بابا .....او گھوڙا ڙي.... . ڏسو....ته ..... مون پنهنجي ئي روزينه کي ھٿ سين پاڻ ماريو آ........او بابا ......آئون ئي قاتل آن سندي ھن معصوم ڌيء جي". ائين چئي ھوء وري بي ھوش ٿي ويندي ھئي.
مونکان زينل جي ھي حالت ڏٺي نه پئي ٿي تڏھين ئي ھاڻ جڏهن ھوش ۾ آئي ته تسلي ڪاڻ رڙھي سندس پاسو ورتم, کيس ڀاڪر ڀريم. ھنجي وري به ساڳي لات"
ڏس ني شاني مون پنهنجي معصوم ڌيء کي پاڻ ماريوآ ھا ھٿ وٺي پاڻ ماريو آ" , ٻڌ شاني مونتي ٿورو ڪر ....ھنن سڀني کي چئو مونکي به روزينه سان گڏ دفن ڪن ته مان به پنهنجي روزينه وٽ وڃان...ھنکي مون بنان ننڍ نه ايندي.....ھن جي زخمن جي ٽڪور به ته مونکي ئي ڪرڻي آھي.....بس مونکي به روزينه سان گڏ مٽيء ۾ پوري ڇڏجو
.زينل جون دانهون آسمان ڏاري رھيون ھيون. زينل جي اکين جا لڙڪ اگھندي کيس سمجھايم. " زينل چري ٿي آئين ڇا, مائرون به ڪڏهن پيٽ ڄائي کي مارينديون آھن ڀلا ......!
قھر پوي ان ڪتي کي........ڪوڙھ ۾ تڙپي تڙپي ڌپ ڪري مري اھو ظالم وحشي جنسي مريض جنهن اسانجي روزينه کي پنهنجي حوس جي پورائي  لاء ڏاڙھي ماريو.....,پر ڀلا ان ۾ تنهنجو ڪھڙو ڏوھ.
زينل منهنجي ڳالھ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي
" پ.....ر ......شاني مون پنهنجي ڌيء کي پاڻ ماريو آ ....ھا ....مون پاڻ ئي ماريو آ......مون ڀلا ان کي پيدائش جي پھرين ڏينهن کان ڇو ذھن ۾ ويھاري ڇڏيو ھو ته ڪير به خراب ۽ سٺو ناهي
......۽......... انسان ته آھي ئي اشرف المخلوقات.....ڏس ني .....ھوء معصوم چري ته سچي پچي ان اشرف المخلوق تي اعتبار ڪري ويٺي

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter