سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

سابق آرمي چيف جي ڀاءُ ڪامران ڪياني جي گرفتاري جا وارنٽ جاري


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/06/2019

ويب ڊيسڪ
لاهور جي احتساب عدالت سابق آرمي چيف جنرل  اشفاق پرويز ڪياني جي ڀاءُ ڪامران ڪياني جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا آهن.ان ڪيس ۾ پيراگون هائوسنگ سوسائٽي جي ڊائريڪٽر نديم ضياءَ آشيانه اقبال هائوسنگ سوسائٽي جي عملدار جا پڻ وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.
گذريل خميس تي لاهور ۾  هائوسنگ فراڊ واري ڪيس جي ڪاروائي جيئن ئي عدالت شروع ڪئي ته نيب پاران ٽن ملزمن کي پيش ڪيو ويو .ملزمن ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد،لاهور ڊولپمينٽ جو اڳوڻو ڊي جي احد خان چيما ۽ بسم الله انجنيئرنگ جو شاهد صديقي شامل هئا جيڪي جوڊيشل ريمانڊ تي هئا.
نيب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ان ڪيس جو هڪ ملزم اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ٽرانزٽ ريمانڊ تي اسلام آباد ۾ آهي ته جيئن پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ميٽنگ جي صدارت ڪري سگهي. نيب جي وڪيل موجب ڪامران ڪياني. نديم ضياءَ ۽ خالد حسين جاڇ ۾ ڪڏهن به سهڪار نه ڪيو آهي انڪري نيب ٽنهي ملزمن  کي مفرور قرار ڏنو ويو  آهي.
احتساب عدالت جي جج سيد نجم الحسين ٽنهي  مفرور ملزمن جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ۽ ريفرنس جون ڪاپيون عدالت ۾ موجود ٽنهي ملزمن کي ڏنيون ويون.جڏهن ته شهباز شريف جي وڪيل پڻ پيش ٿي ريفرنس جي ڪاپي وصول ڪئي.
احتساب عدالت ڪيس جي ايندڙ  ٻڏڻي 10 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
اڳوڻي آرمي چيف جنرل ا شفاق پرويز ڪياني جي ڀاءءُ ڪامران ڪياني خلاف نيب پاران ڊي ايڇ اي اسڪيم لاهور ۾ 15 بلين جي فراڊ ڪيس ۾ پڻ گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيل آهن.ان ڪيس ۾ پڻ هو مفرور قرار ڏنل آهي.نيب پاران 2017 ۾  ڪامران ڪياني جي گرفتاري لئه وزارت داخله کي سفارش ڪيل آهي ته انٽرپول سان رابطو ڪري ريڊ وارنٽ جاري ڪرايا وڃن  پر ڪامران ڪياني جا ريڊ وارنٽ اڃان جاري نه سگهيا آهن.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter