سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ذوالفقار علي ڀٽو ۽ حاڪم شاه پٽ واري جو فقير


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/06/2019


ذوالفقار قادري

پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم  شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي هي تصوير قمبر ۽ شھداد ڪوٽ جي درميان واقع درگاه حاڪم شاه پٽ واري جي اڱڻ تي نڪتل آھي ٖ تصوير جو پس منظر هي آھي تہ ڀٽو صاحب شھداد ڪوٽ کان لاڙڪاڻو وايہ قمبر وڃي رهيو هو ٖ سندس گاڏي ممتاز علي ڀٽو هلائي رهيو هو ٖ ڀٽو صاحب کي سخت بخار بہ هيو ممتاز علي ڀٽو جي ڪوشش هئي تہ جلد از جلد المرتضئ لاڙڪاڻي پهچجي ٖ.
ڀٽو صاحب جي اتان گذرڻ جي خبر ڪنهن طريقي سان درگاه حاڪم شاه پٽ واري جي فقيرن کي پئي تہ درگاه جا فقير ٖ فقراه ٖ حالي ٖ موالي اچي ڀرسان وهندڙ واره برانچ واه جي پل تي اڳ وٺي بيهي رهيا ٖ ذوالفقار علي ڀٽي جي گاڏي جيئن ئي واره برانچ پل تي پهتي تہ درگاه جا فقير گاڏي کي وڪوڙي ويا ۽ ڀٽي صاحب کي چيائون درگاه تي اسان جي مئہ خاني تي هلو ٖ
ممتاز علي ڀٽي فقيرن کي ٻڌايو تہ ڀٽو صاحب کي سخت بخار آهي اسان کي لاڙڪاڻي وڃڻ ڏيو پر ڀٽو صاحب سخت بخار باوجود ممتاز علي ڀٽو کي چيو پهرين فقيرن ڏي ھلبو سو ڀٽو صاحب فقيرن سان گڏ جي درگاه تي آيو ۽ درگاه تي حاضري ڀرڻ بعد فقيرن جي مچ تي هيٺ اچي پٽ تي ويهي رهيو ٖ روايتي طور فقيرن جي مچ تي ڪنهن ڀنگ پئي گهوٽي تہ ڪنهن چرس جون سلفيون دکائي سوٽا پئي هنيا پر ڀٽو فقيرن سان فقير ٿي ساڻن پٽ تي ويٺو رهيو .
هڪ فقير پنهنجا ڪنٺا قولابا ڳانا حال وسلا لاهي ڀٽي صاحب کي پارائي ڇڏيا فقيرن وري مچ تي ڳڙ جي چانهہ جي ڪٽلي چاڙھي ڇڏي ڀٽي صاحب سندن سان ويهي ڪچهري ڪري ڳڙ واري چانهہ جي سبيل پي پو۽ کانئن موڪلايو ٖ ڪئمرا جي اک ان لمحي کي محفوظ ڪري ورتو ٖ تصوير ۾ موالين فقيرن جي ڪٽلي ڪوپ ڳانا فقير فقرآ نمايان پيا نظر اچن ٖ

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter