سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

اها جانو هيئري ڪهڙي مهم آهي ؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/06/2019

سوشل ميديا تي به هر وقت ڪنهن نه ڪنهن نئين مهم جي ڌم متل هوندي  آهي.لاهوتي کي خبر نٿي پوي ته اهڙيون مهم جويون  ڇو ٿيون ڪيون وڃن.
ڪجهه وقت اڳ تائين ڪيڪي چئلينج گهڻو هليو جنهن ۾ هلندڙ گاڏين مان ٽپو ڏئي ڊانس ڪرڻي هئي.ان مهم گهڻن جا ئي ڪم لاهي ڇڏيا پر هي جيڪا جانو هيئري مهم هاڻي شروع ٿي آهي سا الائي ڪٿي انت ڪندي.
جانو هيئري مهم دوران ڇوڪريون پنهنجي جسم جا وار وڏا ڪري انهن جا فوٽو انسٽاگرام ٽوئيٽر سميت ٻي  سوشل ميڊيا تي رکي رهيون آهن.اها مهم ٽئين سال جي هڪ شاگردياڻي لارا جيڪسن شروع ڪئي آهي.
ايڪسٽيئر يونيورسٽي ۾ ڊراما اسٽڊيز جي شاگردياڻي لارا  جانو هيئري مهم هڪ مهينو اڳ شروع ڪئي جيڪا هاڻي برطانيا،ڪئناڊا،اسپين،روس ۽ جرمني تائين ڦهلجي وئي آهي.
لارا جيڪسن ٻڌايو ته سندس مهم جو مقصد هڪ هزار پائونڊ گڏ ڪري خيراتي اداري کي چندو ڏيڻ آهي.هن چيو ته پهريان پهريان جڏهن هن پنهنجي جسم جا وار شيو نه ڪيا ته هن پنهنجو پاڻ کي پراعتماد مهسوس ڪيو.
هن چيو ته اها مهم هاڻي پاڙون پختيون ڪري رهي آهي.هن مهم دوران اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته ڪافي عورتون وار رکرائڻ خاص ڪري ڄنگهن جا وار ڇڏي ڏيڻ تي هچڪچاهٽ جو شڪار آهن.انهن جو خيال آهي ته وار رکرائڻ سان ڄنگهون جي سونهن مري ويندي.مونکي ته ائين محسوس نٿو ٿئي وري به هر ڪنهنجي مرضي آهي.اسان هن مهم دوران ڪنهنجي مٿان پنهنجي راء مڙهڻ نٿا چاهيون.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter