سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

آمريڪي ڪانگريس ۾ پهتل پهريون مسلمان عورتون


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/07/2019


لاهوتي
آمريڪي ڪانگريس جي تاريخ ۾  ائين پهريون ڀيرو ڀيرو ٿيو آهي جو لاڳيتيون ٻه مسلمان عورتون ڪانگريس ۾ چونڊجي آيون هجن.آمريڪا جي 116 هين ڪانگريس ۾ انهن ٻنهي عورتن پنهنجي عهدي جو قسم پڻ قرآن شريف تي هٿ رکي کنيو.ٻنهي عورتن جي اها تاريخي فتح ڏسڻ سندن حمايتي عورتون ۽ مرد اچي واشنگٽن ۾ گڏ ٿيا.جن مان راشده جي حمايتين کي فلسطيني رومال پاتل هئا.
آمريڪي ڪانگريس ۾ پهتل ٻن مسلمان عورتن ۾ اها صومالي آمريڪن نوجوان عورت الحان عمر به شامل آهي جيڪا ويهه سال اڳ آمريڪا ۾ پناهگير ٿي پهتي هئي.الحان عمر پهرين عوت ميمبر آهي جنهن حجاب پائي يعني مٿو ڍڪي پنهنجي چونڊ مهم هلائي ۽ حجاب سان ئي قسم کنيو.
راشده طالب وري اها فلسطيني آمريڪي عورت آهي جنهن جو والد پناهگير ٿي آمريڪا پهتو هو پر پاڻ بهادر قسم جي سياسي سماجي ورڪر آهي.ڊيمورڪريٽس پاران کيس ٽڪيٽ ڏني وئي هئي.راشده ٻه سال اڳ ٽرمپ جي تقرير ۾ رخنو وجهڻ تان گرفتار پڻ ٿي چڪي هئي.
راشده ايتري ته ٽرمپ مخالف آهي جو قسم کڻڻ بعد بيانن ۾ اهو به چئي وئي ته هاڻي مادر چ...ت ٽرمپ جي امپيچمينٽ ويجهو آهي.
آمريڪي ڪانگريس ۾ پهتل انهن مسلمان عورتن تي تبصرن سان گڏوگڏ ٽرمپ پارٽي جي پوڙهن نسل پرست  انگريزن جا تبرا پڻ جاري آهن.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter