سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

شهباز شريف خلاف شيخ رشيد جي مهم کان پي ٽي آئي الڳ


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/07/2019

ويب ڊيسڪ
وزيراعظم عمران خان جي خاص معاون نعيم الحق چيو آهي ته اپوزيسن ليڊر شهباز شريف جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سربراهي خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو ڪو به ارادو ناهي ڇو ته اپوزيشن ليڊر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر معرفت اها پڪ ڏياري آهي ته هو ان وقت پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاسن جي صدارت نه ڪندو جنهن وقت مسلم ليگ نون جي اقتدار وارن ڏينهن جي منصوبن جي آڊٽ ٿيندي.
ان کان اڳ ريلوي واري وفاقي وزير اعلان ڪيو هو ته شهباز شريف جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سربراهه ٿيڻ خلاف هو عدالت ۾ ويندو..
جڏهن ته وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خاص معاون نعيم الحق چيو آهي ته جيستائين مونکي خبر آهي وزيراعظم ان معاملي تي صرف سپريم ڪورٽ جي تشريح چاهي ٿو ته ڇا نيب کي گهربل ماڻهون پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو سربراهه ٿي سگهي ٿو يا نه.
هن چيو ته ان جو اهو مطلب ناهي ته شيخ رشيد وزيراعظم جي فيصلي کي نٿو مڃي يا حڪمران اتحادي جماعتن ۾ ڪي اختلاف آهن.
هن چيو ته حڪموت قومي اسيمبلي ۾ قانون سازي چاهي ٿي جنهن تحت ڪميٽين جا سربراهه چونڊڻ ضروري هو.نعيم الحق موجب 38 ڪميٽين جي چيئرمين شپ مان 18 مخالف ڌر کي ڏنيون ويون آهن ته جيئن قانونسازي مڪمل ڪري سگهجي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter