سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

منهنجو اگهه پڇين ٿو آمر.... شيخ اياز سان ايوب خان جي ملاقات


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/07/2019


سائينداد مڱريو
هي شيخ اياز جي 1963 ۾ نڪتل تصوير آهي هي اهو ئي زمانو هو جنهن ۾ شيخ اياز ڀٽائي جي رسالي جو منظوم اردو ترجمو ڪيو هو‘۽ اياز جي ڪجه دوستن جو اسرار هو ته لطيف جي عرس جي موقعي تي ايوب خان هٿان اياز کي ان ڪم عيوض لطيف ايوارڊ ملڻ کپي پر اياز ايوب خان هٿان ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ اياز دوستن جي بيحد اسرار کانپوءِ جڏهن اسٽيج تي پهتو ته ايوب خان ساڻس هٿ ملايو‘ان ڳاله جو اندازو تصوير کي ڏسي بخوبي لڳائي سگهجي ٿو جنهن ۾ ملڪ جو تڏهوڪو صدر ۽ آرمي چيف ايوب خان ساڻس جهڪي هٿ ملائي رهيو آهي.
!
هي 1965 واري پاڪ هند لڙائي کان ٺيڪ ٻه سال اڳ جي تصوير آهي جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان وقت ايوبي آمريت پنهنجي عروج تي هئي ۽ پوءِ اياز شعر پڙهڻ لاءِ مائيڪ ڏانهن وڌي ٿو ۽ ايوب هٿان ايوارڊ نه وٺڻ جو اعلان ڪندي پنهنجو تاريخي شعر پڙهيائين ته...
منهنجو اگھ پڇين ٿو آمر‘
منهنجا گيت ڳنهين سگهندين تون
!
۽ ان کان پوءِ ايوبي آمريت پنهنجا رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيا ۽ اياز ساهيوال جيل جي ديوارن پويان ويهي"ساهيوال جيل جي ڊائري" جهڙو ڪتاب لکيو
!
هڪڙو شاعر جيڪو نه سياستدان هو نه ڪرمنل هو نه ئي ڪنهن ڏوھ ۾ مٿس ڪو ڪيس ئي داخل ٿيل هو پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿيئي ته اياز آخر جيل ڇو ويو؟

۽ ان جو آسان جواب اهو ئي آهي ته اها اياز جي شاعري ئي هئي جنهن کيس زندانن تائين پهچايو "ٿي تند وڙهي تلوارن سان" کان وٺي "مٽي ماٿي لايان مان" لکڻ تائين اياز اوچي ڳاٽ سان بيٺو رهيو ۽ بيٺو رهندو.
ڪجھ شاھ ڏني ڪجھ شيخ ڏني
هن سنڌڙيءَ کي صورت لوڪو
!
۽ ڪالھ ڪن همراهن اها ڳالھ ڪئي آهي ته شيخ اياز شخصي طور ڊڄڻو ماڻهو هو!!!!
انهن ماڻهن کي اياز پنهنجي زندگي ۾ ئي چئي چڪو هو ته

اسان ڏات سان چوڏسائون رنگيون
ميان تون ته پورو هئين ساڙ ۾.....!!

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter