سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ڪاوش جي قومپرستن بابت پاليسي تبديل ؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/08/2019

لاهوتي
سنڌي ٻولي جي وڏي ۾ وڏي اخبار سنڌي قومپرستن بابت پنهنجي پاليسي تبديل ڪري ڇڏي آهي.جنهن تحت هاڻي انهن قومپرستن جا به پوري هڪ صفحي يا اڌ صفحي جيترا انٽروي بنا پئسي ڀرڻ جي  هلندا جن مٿان ڪاوش جي اڳوڻي ايڊيٽر علي قاضي جي دور ۾ پابندي پيل هئي.
ان سلسلي ۾ لاهوتي کي مليل حوالن موجب سنڌي قومپرستن بابت ڪاوش جي پاليسي ۾ تبديلي ڊاڪٽر قادر مگسي جي انٽرويو سان عمل ۾ اچي وئي آهي.جڏهن ته جلال محمود شاه ۽ اياز لطيف پليجو جا انٽرويو جلدئي  اچڻ وارا آهن.
ڪاوش جي پاليسي ۾ تبديلي سبب قومپرست ڪارڪنن ۾ ته خوشي جي لهر اچي وئي آهي پر ڪهاڙي واري جهنڊي جا ڪارڪن مايوس آهن ڇو ته انهن بابت اڃان تائين اخبار جي پاليسي واضع ناهي.
لاهوتي کي مليل حوالن موجب ڪاوش اخبار  ۽ سنڌي قومپرستن جا پاڻ ۾ اختلاف نوي واري ڏهاڪي کان رهيا آهن.جنهنڪري ڊاڪٽر قادر مگسي جي پارٽي ڪاوش اخبارجو  پندرنهن ڏينهن تائين سموري سنڌي ۾ بائيڪاٽ ڪيو هو.جنهن دوران هر شهر ۾ ڪاوش اخبار جا بنڊل ساڙيا ويا هئا ۽ ڄامشوري ۾ اخباري ڪارڪنن کي کڻي ويندڙ اسٽاف وين پڻ ساڙي وئي هئي.
جڏهن ته ممتاز ڀٽو جي پارٽي پڻ ڪاوش اخبار جو بائيڪاٽ ڪري چڪي هئي.جلال محمود شاه ۽ جيئي سنڌي جي مختلف گروپن وارا اڳواڻ شڪايتون نيوز ايڊيٽر تائين پهچائيندا رهيا هئا پر ڪو کڙتيل نه نڪرندو هو.
لاهوتي کي مليل حوالن موجب ڪاوش جي اڳوڻي ايڊيٽر علي قاضي قومپرستن سان بند دروازي وارايون ڳالهيون ڪري انهن جي ڪوٽا مقرر ڪري ڇڏي هئي جنهنڪري ڪاوش جي صفحن قومپرستن جيڪوريج ٻن ڪالمن واري خبرن ۾  ٽئين نمبر صفحي تي ٿيندي هئي پر هاڻي علي قاضي جي وڃڻ کانپوء لڳي ٿو ڪاوش سنڌي قومپرستن بابت پنهنجي پاليسي مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏي آهي.ڏسون اها پاليسي ڪيترو وقت جاري رهي سگهي ٿي.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter