سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

بلاول جو نالو اي سي ايل مان خارج


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/08/2019

ويب ڊيسڪ
سپريم ڪورٽ حڪم ڪيو آهي ته پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاه جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ يا اي سي ايل مان خارج ڪيا وڃن. انهن جا نالا جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس لئه جوڙيل جي آئي ٽي رپورٽ مان به خارج ڪيا وڃن.اهو ڪيس وڏيڪ جاڇ لئه نيب حوالي ڪيو وڃي.
ان سان گڏ عدالت  وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ۽ اٽارني جنرل جي ڀاءُ عاصم منصور جا نالا پڻ اي سي ايل مان خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
اهڙو حڪم سپريم ڪورٽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي ڪالهوڪي ٻڌڻي دوران ڏنا.سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار  سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته بلاول جو نالو ڇو ڏنو ويو.جي آئي ٽي کي جواب ڏيڻو پوندو ته هن معاملي ۾ بلاول کي ڇو گهليو ويو آهي.ڇا ڪنهن جي هدايتن تي ائين ڪيو ويو آهي.؟
چيف جسٽس چيو ته ڇا اهو ڪنهنکي بدنام ڪرڻ لئه نالو ڏنو ويو.؟ ان موقعي تي چيف جسٽس حڪم ڏنو ته بلاول ۽ وزيراعلي سنڌ جا نالا اي سي ايل ۽ جي آئي ٽي رپورٽ مان خارج ڪيا وڃن.ڪيس نيب کي موڪليو وڃي ۽ نيب ٻن مهينن اندر پنهنجي جاچ مڪمل ڪري.
عدالت 2015 واري جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪري رهي هئي.جيڪو ايف آئي اي جي جاچ هيٺ هيو.مني لانڊرنگ جي ان ڪيس موجب جعلي بئنڪ اڪائونٽس ذريعي اربين روپيا پرڏيهه اماڻيا ويا آهن.
جعلي بئنڪ اڪائونتس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري،سندس ڀيڻ فريال ٽالپر،سمٽ بئنڪ جي اڳوڻي سربراهه حسين لوائي ۽ اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد کي پاڻ جاچ هيٺ آندو ويو آهي جڏهن ته بحريا ٽائون جو سربراهه ملڪ رياض ۽ سندس نياڻو زين ملڪ پڻ جاچ ۾ شامل ڪيا ويا آهن.
چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته فرشتن اچي جعلي بئنڪ اڪائونٽ ته ناهن کوليا.نيٺ ڪي ماڻهون ته ذميوار هوندا تنهنڪري اسان ڪيس نيب ڏانهن موڪلي رهيا آهيون.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته جي آئي ٽي رپورٽ کي بلڪل رد نٿو ڪري سگهجي.هاڻي ڌرين وٽان جواب اچن ته عدالت انهن کي ڏسندي.اهي جواب بحريا ٽائون،زين ملڪ،زرداري،فريال ٽالپڇر،اومني جي انور مجيد، عبدالغني مجيد ۽ سيڪيورٽي ايڪسچينج پاران عدالت ۾ جمع ڪرايا ويندا.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter