01/08/2019
ويب ڊيسڪ
ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف عيل زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جي ضمانتن ۾ واڌ ڪئي آهي.عدالت ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ جي ضمانت 23 وڌائي ڇڏي آهي.
گذريل ڏينهن جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ ٻئي ڀيڻ ڀاءُ بئنڪنگ ڪورٽ اڳيان سخت حفاظتي پهري ۾ پيش ٿيا.عدالت ۾ ان وقت بدمزگي پئدا ٿي پئي جڏهن ٻنهي اڳواڻن سان آيل پي پي پي ڪارڪنن عدالت اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي جن کي سيڪيورٽي عملي روڪي ورتو.
عدالت کي جڏهن استدعا ڪئي وئي ته ايف آئي کي فائينل چالان پيش ڪرڻ جو چيو وڃي ته ججن چيو ته سپريم ڪورٽ في الحال ڪيس جون ٻڌڻيون روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي ڇو ته ساڳئي ڪيس جون شنوايون سپريم ڪورٽ ۾ ٿي رهيون آهن.