سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

گورنر سنڌ جي مهانگي موٽربائيڪ ۽ ٿر جي بک


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/08/2019

ويب ڊيسڪ
سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي پارٽي جو نعرو ته سادگي ڪفايت شعاري ۽ بچت آهي پر هي صاهب هميشه وڏين گاڏين جو پروٽوڪول کڻي نڪرندو آهي ۽ اهڙو ڪم ڪندو جو کيس سوشل ميڊيا تي خوار ٿيڻو پوي.
هاڻي به ائين ئي ٿيو جو گورنر هائوس ۾ مهانگي ترين موٽر سائيڪلن واري ڪمپني هارلي ڊيوڊسن جي مالڪن جي هڪ ڪلب کي گورنر هائوس دعوت ڏنائين.انهن جي هڪ موٽرسائيڪل  جي قيمت گهٽ ۾ گهٽ پنجن لک ۽ وڌ ۾ وڌ ۾  پنجاهه لک روپيا  هوندي.ايترين مهانگين  موٽر سائيڪلن جو جلوس ڪڍي گورنر صاحب ثابت ڪيو ته کيس سادگي سان ڪا دلچسپي ناهي.
گورنر پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي اهي تصويرون رکي لکيو ته ڇا ته سواري آهي سوچيان پيو پنهنجي لئه به وٺان.گورنر سان گڏ ان سادگي واري تقريب ۾ صدر پاڪستان ۽ هڪ وفاقي وزير به شامل هئا.
گورنر سنڌ جي انهن تصويرن تي ٽوئيٽر استعمال ڪندڙ کيس خوب خوار ڪيو آهي.ڪجهه ماڻهن لکيو اٿس ته توهان ڪم اهوئي ڪندا ته ڪارا چشما پائي رڳو ماڊلنگ باقي بس.
ٻئي همراهه لکيو اٿس ته ڪنهن درست چيو آهي ته پاڪستان م صدر ۽ گورن جا عهدا وڏين پگهارن تي رکيل واندا ماڻهون
هڪٻئي همراهه کيس ڪمينٽ ۾ لکيو آهي ته اگر اهوئي ڪم ڪو پيپلزپارٽي اڳواڻ ڪري ها ته توهانکي ٿر جا بک تي سمهندڙ ٻار ياد اچي وڃن ها پر هاڻي جيئن ته توهان پاڻ حاڪم آهيون انڪري ان ڳالهه جو خير آهي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter