سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

شاگردن جي نشو ڪرڻ بابت نئين سروي وزيرداخله جي دعوا رد


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/08/2019


ويب ڊيسڪ
قائداعظم يونيورسٽي جي سوشيالوجي شعبي پاران ڪيل هڪ نئين سروي موجب پاڪستان جي وڏن شهرن جي تعليمي ادارن ۾ صرف ٻه سيڪڙو شاگرد نشي جا عادي آهن.
اهي شاگرد اسلام آباد،ڪراچي،لاهور ۽ پشاور جي تعليمي ادارن م پڙهن ٿا.اها تحقيق گذريل ڏينهن هائير ايجوڪيشن ڪميشن  جي سهڪار سان ڪيل هڪ سيمينار دوران ظاهر ڪئي وئي ته جيئن وڏن تعليمي ادارن م شاگردن جي وڏي انگ پاران نشو ڪرڻ وارو تاثر ختم ٿي سگهي.
ان کان اڳ  وزيرمملڪت داخله شهريار آفريدي وڏي دعوي ڪئي هئي ته صرف اسلام آباد جي تعليمي ادارن ۾ 75 سيڪڙو شاگردياڻيون ۽ 45 سيڪڙو شاگرد نشي جا عادي آهن جيڪي آئيس چرس ۽ ٻيو نشو ڪن ٿا.
قائداعظم يونيورسٽي جي سوشيالوجي شعبي جي ان سروي جي پرنسپل انويسٽيگيٽر ڊاڪٽر عمران صابر چيو ته سروي مان خبر پئي آهي ته تعليمي ادارن ۾ صرف ٻه سيڪڙو شاگرد نشي جا عادي آهن.جڏهن ته سرڪاري سطح تي جنهن رپورٽ جو ذڪر وزير مملڪت شهريار آفريدي ڪيو سا هڪ اين جي او ڳجهي انداز ۾ ڪئي هئي جنهن سان وڏو مونجهارو پئدا ٿيو ته ايترا نوجوان تعليمي ادارن ۾ نشو ڪيئن ٿا ڪن.
ان موقعي تي ڊاڪٽر عمران بڌايو ته  سندن نئين سروي جا سيمپل 4997 شاگرد هئا جيڪي اسلام آباد،ڪراچي لاهور 7 پشاور جي اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ هئا.جنهن مان خبر پئي ته 21 سيڪڙو شاگرد نشي کي برو نٿا سمجهن پر تمام شاگردن جي تمام وڏي گهڻائي يعني 79 سيڪڙو نشو کي پنهجي صحت لئه هاڃيڪار سمجهن ٿا.نشي جا پنهنجي زندگي،پڙهائي ۽ نوڪري تي برن اثرن کان آگاه آهن.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter